شاهه پريان

شاهه پريان: مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي جڳ مشهور تاليف ‘مڪلي نامه’ ۾ شاهه پريان جو ذڪر ڪيو آهي. قانع هي مختصر ڪتاب 1174 هه/ 1761ع ۾ لکيو. سيد حسام الدين راشدي جنهن هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو ۽ ان تي وضاحتي حاشيا لکيا، ‘شاهه پريان’ متعلق نهايت ڏک مان لکيو آهي ته، ”شاهه پريان جو قصو پراڻو آهي، جنهن کي ٻه سئو ورهيه گذري چڪا آهن، پر شاهه پريان جو آستان اڄ به موجود آهي، جيڪو هن وقت ويران ڀڙڀانگ ۽ بي آب و گياهه، بي رونق ۽ اتي جو ماحول دل ۽ دماغ تي ڏاڍي اداسي ۽ مايوسي پيدا ڪندڙ آهي. هتي ڪو ڏکايل اچي ڏک لاهي سو ته خير، پاڻ غمن جا انبار کڻي ويندو ۽ وساريل سور جاڳي پوندا. پٿر جي بي ڊول ٽوٽن جي ڪچيءَ حد بنديءَ اندر، ڪکائين اڌ ڇنل ڇپر جي اوٽ هيٺ، ٽي لاوارث ۽ اداس قبرون آهن. پر ٻه سئو ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ته، اها ڏکايل ۽ ويران جاءِ ڏاڍي متبرڪ جاءِ شمار ڪئي ويندي هئي، اتي ڳچيءَ ۾ ڳارو پائي حاضري ڏبي هئي، ۽ اهو شاهه پريان جو آستان هو. انهيءَ حد اندر ڪنهن کي مجال ڪانه هئي، جو لاغرضائيءَ سان لنگهي اچي.“
شاهه پريان جو آستان ڪنهن زماني ۾ زناني زيارت لاءِ مخصوص هو، هر هفتي خميس جي ڏينهن هتي عورتن جو ميلو لڳندو هو. مردن جي ميلي ۽ زيارتن لاءِ مڪليءَ جي مقام ۾ ڪيئي خانقاهون ۽ درگاهون هيون. عورتن هي آستان پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو هو. شاهه پريان جي آستاني تي اهي عورتون اچي باسون باسينديون هيون. سکائون ڪنديون هيون ۽ دل جون مرادون حاصل ڪنديون هيون. اڳتي هلي اهو شاهه پريان جو آستان اهڙو ته ويران ٿيو، جو اڄ تائين آباد ناهي ٿيو.“
شاهه پريان نالي آستاني ۾ ڪنهن جون قبرون آهن، انهيءَ جو ڪنهن کي پتو ڪونه آهي. ‘مڪلي نامه’ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ انهيءَ آستان جو ذڪر نه ٿو ملي. بهرحال قرين قياس اهو آهي ته اهي شاهه پريان جي نالي سان ٽي قبرون ڪن پاڪباز مستورات جون هونديون. واضح ڪندو هلجي ته انهي ساڳئي نالي ‘شاهه پريان’ سان ايران ۾ به هڪ زيارتگاهه آهي، جيڪا پڻ ساڳيءَ طرح عورتن لاءِ مخصوص آهي. (مڪلي نامه، ص 234-236)


لفظ شاهه پريانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو