شاهه ڪپور (ماڳ): سومرن جي دور جو قديم ماڳ شاهه ڪپور تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي، جنهن جا آثار اڌ ڪلوميٽر اتر - اولهه ڊيگھه ۾ هڪ ڪلوميٽر کن ڏکڻ - اولهه ۾ بدين سجاول روڊ تان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن شهر بابت ماهرن جي راءِ ۾ گهڻو اختلاف آهي. ڪن جي راءِ موجب هي کنڊر سومرن جي پراڻي شهر ‘محمد طور’ جا آهن. جڏهن ته ميجر راورٽي هنن کنڊرن کي ‘نيرون ڪوٽ’ جا آثار ڄاڻايو آهي، پر راورٽيءَ جي راءِ اختلاف واري آهي، ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهن جي روايت موجب اهي کنڊر محمد طور شهر جا آهن، جن کي هو ‘ماهم تور’ ڪوٺيندا آهن.
هن ماڳ بابت ايلئيٽ پنهنجي ڪتاب ‘هسٽري آف انڊيا’ جي پهرئين جلد ۾ ڄاڻايو آهي ته ‘محمد طور’ ديرڪ پرڳڻي ۾ واقع هو، جنهن جون حدون ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي حدن تي، يعني ‘پارڪر’ ۽ ‘ونگي’ جي وچ ۾، ٿر جي وارياسي ميدان ۾ هيون ۽ جنهن جاءِ تي محمد طور جا کـنـڊر آهن، اتي ‘ٿـرڙي’ جو شهر قائم هو، جيڪو بدين جي ويجهو هو. هن ڏس ۾ ‘هينري ڪزنس’ جي تحقيق وڌيڪ وزندار آهي. جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ ‘شاهه ڪپور’ جي عنوان هيٺ انهن کنڊرن جو احوال ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته هيءُ شهر (محمد طور) هڪ وڏي نهر جي ڪپ تي هو، جنهن کي ‘گونگڙو’ چوندا هئا. هينري ڪزنس کي انهن کنڊرن مان ٽامي ۽ چانديءَ جا سڪا به هٿ آيا هئا، جيڪي بلڪل ننڍا هئا ۽ مٿن ڪجهه به اڪريل نه هو، جنهن مان سن وغيره جي خبر پئجي سگھي. هن کي اتان ڪي پٿر به مليا هئا، جن تي عربيءَ ۾ ڪجھه لکيل هو، پر اهي لفظ گھڻي قدر ڊٺل هئا. هن شهر (محمد طور) جي آباد ٿيڻ جي حوالي سان به تاريخن ۾ گھڻو اختلاف آهي. ائبٽ هن شهر جي آباديءَ جو زمانو 900ع کان 1000ع ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ‘تحفة الڪرام’ ۾ درج بيان موجب هن شهر کي محمد طور سومري 654هه/ 1256ع ڌاري آباد ڪرايو هو ۽ علاؤالدين 1313ع ۾ دودي سومري سان جنگ ڪري هن شهر کي ناس ڪيو. تاريخ ۾ هن ماڳ کي تختگاهه جو درجو مليل ٿو ڏسجي. هي شهر پڪين سرن سان اڏيل هو، انهن سرن جي ماپ هڪ جيتري نه آهي. هن ماڳ جا کنڊر شاهه ڪپور ڳوٺ کان شروع ٿين ٿا، جن جي جدا جدا هنڌن تي ڳاڙهن پٿرن جون وڏيون ڇپون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي محلاتن ۽ مڪانن جي بنيادن ۾ ڪم آنديون ويون هيون. هڪ شاهي عمارت جي آثارن مان اندازو ٿئي ٿو ته اها انتظامي سرڪاري عمارت رهي هوندي. هن وقت تائين هنن کنڊرن جي باقاعدي کوٽائي نه ٿي سگھي آهي. دڙن جي مٿاڇري سطح تان لڌل وٿن ۾ پٿر، ٺڪراٺو، شيشي جا ٽڪرا، ٽامي جا سڪا ۽ گھريلو استعمال لاءِ ٺڪر جون شيون مليون آهن. هينري ڪزنس کي عربي لکت ۾ پٿر ۽ ڪجهه ٺڪراٺو مليو هو، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري جي ميوزيم ۾ رکيل آهي. ان کان سواءِ نامور محققن ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ عبدالله ورياهه به هن ماڳ جي مشاهدي دوران هتان ڪافي سڪا لڌا هئا، جن تي سومرا دور جي عورتن ۽ مرد حڪمرانن جا نالا اڪريل هئا. شاهه ڪپور سان لڳ هڪ قديم قبرستان آهي. اتي ڪنهن زماني ۾ امير بادشاهه نالي بزرگ جو بهترين مقبرو ٺهيل هو، پر هاڻي ان جا رڳو نشان بيٺا آهن ۽ بزرگ جي قبر موجود آهي. مقبري جو ڊٺل سامان مختلف قبرن ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيل ڏسجي ٿو. هي قبرستان پندرهين صدي عيسويءَ کان سترهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جو آهي. هن قبرستان جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾ اچي ٿو. جڏهن ته هي ماڳ هينري ڪزنس به ڏٺو هو. ’پاڪستان آرڪيالاجي‘ جي شماري ٻئي 1965ع ۾ شاهه ڪپور جو ذڪر ملي ٿو.