شاهين سنڌي

شاهين سنڌي

شاهين سنڌي

شاهين سنڌي: شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما آرٽسٽ، ريڊيو ۽ ٽي. وي جي ڪمپيئر، شاهين سنڌيءَ جو اصل نالو در محمد ولد غلام محمد ڪٽپر آهي. سندس جنم 12 جولاءِ 1965ع تي ميمڻ محلي، ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات واپڊا ۾ ملازم طور ڪئي. ننڍپڻ کان سندس ادب ڏانهن لاڙو هو. هن لکڻ جي شروعات پنجين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران روزاني اردو اخبار جنگ ۾ ٻاراڻين ڪهاڻين سان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد ناليوارو شاعر نثار بزمي ۽ ساحل منگي هئا. سندس شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون سنڌي جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. شاهين سنڌيءَ جو ڊرامن جي اداڪاريءَ طرف لاڙو 1985ع ڌاري ٿيو. ان دوران هن ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن جھڙوڪ: ‘زهر ڀري زندگي ’ ، ‘انتها’، ‘ڪاغذن جا رشتا’ وغيرہ ۾ اداڪاري ڪئي. شاهين سنڌيءَ جا ڪيترائي ڊراما سنڌ جي مختلف ٽي. وي چينلن تان نشر ٿي چڪا آهن، سندس مشھور ڊرامن ۾ ‘انتظارگاھہ’ (هدايتڪار: ايوب گاد)، ‘راجا جي نوران’، ‘فوٽ پاٿ’ (هدايتڪار: ممتاز ابڙو)، ‘انصاف’ ۽ ‘سرجيس تان سُور ’ بيحد مقبول ٿيا. هن ڪيترين ئي ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي، سندس مشھور ٽيلي فلمن ۾ ‘حيدر علي’، ‘ڏوھہ ۽ قانون’، ‘بي ترس ڀاءُ’، ‘ڌاري عورت’، ‘غيرت جو آواز’ وغيرہ قابل ذڪر آهن.
هن ڪيترن ئي ٽيلي فلمن، اسٽيج توڙي ٽي. وي ڊرامن ۾ هدايتڪاري ڪئي آهي. سندس هدايتڪاريءَ ۾ هڪ سنڌي ٽيلي فلم ‘غيرت جو آواز’ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. شاهين سنڌي 1996ع کان وٺي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي، جتي انائوسر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪندو رهي ٿو. سندس آواز ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا ڪيترائي بيت، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي رڪارڊ ٿيل آهن.


لفظ شاهين سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.07.12  عيسوي

شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما آرٽسٽ، ريڊيو ۽ ٽي. وي جي ڪمپيئر، شاهين سنڌيءَ جو اصل نالو در محمد ولد غلام محمد ڪٽپر آهي. سندس جنم 12 جولاءِ 1965ع تي ميمڻ محلي، ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو محمد يوسف
’دردي صاحب خان جروار
حاجي غلام نبي مهيسر
پٺاڻ محمد علي
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
مير انيس
انور منصور مڱريو
جعفر جاني
ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ٺاڪر
ساحر راهو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون