شاهين سنڌي

شاهين سنڌي

شاهين سنڌي

شاهين سنڌي: شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما آرٽسٽ، ريڊيو ۽ ٽي. وي جي ڪمپيئر، شاهين سنڌيءَ جو اصل نالو در محمد ولد غلام محمد ڪٽپر آهي. سندس جنم 12 جولاءِ 1965ع تي ميمڻ محلي، ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات واپڊا ۾ ملازم طور ڪئي. ننڍپڻ کان سندس ادب ڏانهن لاڙو هو. هن لکڻ جي شروعات پنجين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران روزاني اردو اخبار جنگ ۾ ٻاراڻين ڪهاڻين سان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد ناليوارو شاعر نثار بزمي ۽ ساحل منگي هئا. سندس شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون سنڌي جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. شاهين سنڌيءَ جو ڊرامن جي اداڪاريءَ طرف لاڙو 1985ع ڌاري ٿيو. ان دوران هن ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن جھڙوڪ: ‘زهر ڀري زندگي ’ ، ‘انتها’، ‘ڪاغذن جا رشتا’ وغيرہ ۾ اداڪاري ڪئي. شاهين سنڌيءَ جا ڪيترائي ڊراما سنڌ جي مختلف ٽي. وي چينلن تان نشر ٿي چڪا آهن، سندس مشھور ڊرامن ۾ ‘انتظارگاھہ’ (هدايتڪار: ايوب گاد)، ‘راجا جي نوران’، ‘فوٽ پاٿ’ (هدايتڪار: ممتاز ابڙو)، ‘انصاف’ ۽ ‘سرجيس تان سُور ’ بيحد مقبول ٿيا. هن ڪيترين ئي ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي، سندس مشھور ٽيلي فلمن ۾ ‘حيدر علي’، ‘ڏوھہ ۽ قانون’، ‘بي ترس ڀاءُ’، ‘ڌاري عورت’، ‘غيرت جو آواز’ وغيرہ قابل ذڪر آهن.
هن ڪيترن ئي ٽيلي فلمن، اسٽيج توڙي ٽي. وي ڊرامن ۾ هدايتڪاري ڪئي آهي. سندس هدايتڪاريءَ ۾ هڪ سنڌي ٽيلي فلم ‘غيرت جو آواز’ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. شاهين سنڌي 1996ع کان وٺي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي، جتي انائوسر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪندو رهي ٿو. سندس آواز ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا ڪيترائي بيت، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي رڪارڊ ٿيل آهن.


لفظ شاهين سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.07.12  عيسوي

شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما آرٽسٽ، ريڊيو ۽ ٽي. وي جي ڪمپيئر، شاهين سنڌيءَ جو اصل نالو در محمد ولد غلام محمد ڪٽپر آهي. سندس جنم 12 جولاءِ 1965ع تي ميمڻ محلي، ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رکيل مورائي
آدم هنڱورجو
شاھہ جھانگير هاشمي
دايو غمدل فقير
پريتم هنڱوراڻي
بائرن
غوثل ميراڻي
پيرو محمد سائل
ٽيڪچند بھار
راشدي سيد ڪليم ﷲ شاھہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون