شاهي امام بارگاهه

شاهي امام بارگاهه

شاهي امام بارگاھہ

شاهي امام بارگاھہ: هيءَ قديم امام بارگاھہ، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي، جيڪا مير فيض محمد خان ٽالپر تعمير ڪرائي هئي. هن بارگاھہ جي مکيہ لنگهه واري دروازي جو نالو ‘باب زينب’ رکيو ويو، جيڪو اڄ تائين ان نالي سان سڏجي ٿو. امام بارگاھہ ۾ مير فيض محمد خان جي دور جا ڪاٺ مان تيار ڪرايل تعزيا پڻ پيل آهن، جيڪي هرسال محرم الحرام جي ڏينهن ۾ شهداءِ ڪربلا ۽ اسيران شام جي ياد ۾ عزاداري ۽ ماتمداريءَ سان کنيا وڃن ٿا. هزهائينس مير علي نواز خان ‘ناز’ جي مڙھہ کي پڻ هن امام بارگاھہ جي احاطي ۾ ڪجهه وقت لاءِ امانت طور رکيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ ڪربلا معلى ۾ دفنايو ويو.
شاهي امام بارگاھہ جي عمارت سازي سنڌ جي فن تعمير جو نادر نمونو آهي. هيءَ عمارت انگريزي الفابيٽ جي اکر ‘T’ جي شڪل تي اڏيل آهي. چوڌاري وڏو چوگان اٿس، جنهن ۾ مٽي پيل آهي. امام بارگاھہ جي عمارت کي چؤگرد ننڍي ديوار ڏنل آهي، جنهن جي ٻاهرين طرف ڳتيل آباديءَ وارا رهائشي گهر آهن. عمارت جي مکيہ لنگهه ۾ ونگائين چؤڪاٺيءَ سان دروازو لڳل آهي. مهاڙيءَ ۾ مکيہ دروازي جي ٻنهي پاسي پانيل آهن، جيڪي مٿي وڃي تاج ٺاهين ٿا، جنهن تي پاسن کان دڪين تي ٻہ ننڍا گنبذ ۽ وچ تي انهن کان ڪجهه وڏو نمائشي گنبذ آهي. ان گنبذ تي علم پاڪ لڳل آهي. مهاڙيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ونگدار دريون آهن، جن ۾ ڪاٺ جا تاڪ نصب ٿيل آهن. درين جي مٿان سرن جي ڪنارين جا ٻاهر نڪتل لينٽيئر ۽ انهن جي مٿان هوا لاءِ سنهڙيون ڄاريون ڇڏيل آهن. عمارت جي مهاڙيءَ جي ٻنهي طرفن کان ٿنڀ آهن، جن کي پيڙھہ وٽان گلدانيءَ جهڙي گهڙاوت ڏئي خوبصورت بڻايو ويو آهي. ٻئي ٿنڀ مٿي مينار جي شڪل وٺن ٿا، جن جي چوٽيءَ تي نيلن سان نمائشي ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. عمارت جي مرڪزي حجري تي ٻنهي پاسن کان ڇت جيتري ديوار آهي، جنهن کان اندران اڱڻ آهي. ديوار جي اڳئين ٻنهي ڪنڊن تي پڻ ساڳئي طرز جا ٿنڀ ۽ انهن تي ننڍا گنبذ آهن. ديوار تي اڀي سرن جي ڪناري ڪڍي ان تي نمائشي ننڍن گنبذن جي قطار ٺاهي وئي آهي. مرڪزي هال ۽ ڪمرا ڪافي ڪشادا آهن، جنهن کي ٻنهي طرفن کان ڏھہ ڏھہ ڇڄا نڪتل روشندان آهن. ڇت کي سرن جي ٻاهر نڪتل ڪنارين سان ٻيڙٻنو آهي. ڇت جي مٿئين حصي کي گاري ۽ چن جو ليپو ڏنل آهي ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نيسارا لڳل آهن. عمارت کي ساڄي پاسي کان ونگدار لنگهه ۾ چؤڪاٺيءَ واري دروازي جو ٻيو لنگهه پڻ آهي، جڏهن تہ کاٻي پاسي کان پڻ ٻاهرين ديوار ۾ ڏھہ ساڳيءَ طرز جا پر ننڍا دروازا ڇڏيل آهن. عمارت جي پوئين حصي ۾ مرڪزي هال کان ڪجهه هيٺائين ڇت سان ڪمرو آهي. امام بارگاھہ جي اندرئين طرف رنگ روغن ٿيل آهن، فرش سنگ مر مر جو آهي. ديوارن ۾ ونگدار نمائشي گنبذيون آهن، جيڪي محرابن جي شڪل پڻ ڏسائين ٿيون. ڇت ڪامن ۽ ٽيئرن تي گل وارين سرن سان اڏيل آهن. امام بارگاھہ ۾ تعزين ۽ روضن جا علامتي تابوت رکيل هوندا آهن، جن جي باقاعدي سنڀال ڪئي وڃي ٿي ۽ محرم جي مهيني ۾ اهي امامن جي ياد ۾ کنيا وڃن ٿا. امام بارگاھہ'>شاهي امام بارگاھہ مان هر سال محرم جي مهيني ۾ وڏا جلوس برپا ٿين ٿا. هتي مجلسون ٿين ٿيون، جن ۾ ناليوارا عالم ۽ ذاڪر خطاب ڪندا آهن. هيءَ امام بارگاھہ تاريخي يادگار هئڻ سان گڏ اهم مذهبي هنڌ پڻ آهي، جيڪا اڪثر يادگارن وانگري چڱي سنڀال هيٺ آهي.


لفظ شاهي امام بارگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو