
شاهي بازار حيدرآباد
شاهي بازار حيدرآباد: حيدرآباد جي قديم ترين بازار آهي. ان جو پراڻو نالو طاهر بازار بہ هو. هن بازار کي ايشيا جي سڀ کان ڊگهي بازار هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هيءَ بلڪل سڌي بازار آهي، جيڪا ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي هئي. هي بازار پڪي قلعي جي مرڪزي دروازي (جنهن کي ‘شاهي دروازو’ چيو ويندو هو) جي بلڪل سامهون سترهين صديءَ جي شروع ۾ قائم ٿي. شاهي دروازي جي سامهون هجڻ جي ڪري مٿس ‘شاهي بازار’ نالو پيو هو. غلام شاھہ ڪلهوڙي پنھنجي دور ۾ بازار ۾ مختلف قسمن جا دڪان، خاص ڪري گلن وارا، حلوائي، ڪپڙي وارا ۽ گهوڙن کي سنوارڻ، سجائڻ جا ساز سامان وڪڻڻ وارا دڪان کولرايا.
ٽالپرن جي دور ۾ شاهي بازار جو اوج وڌي ويو. ٽالپرن جي زماني ۾ حيدرآباد ۾ وڏي ۾ وڏو ڪاروباري مرڪز هيءُ هنڌ ئي هو، جيئن ئي دڪان وڌندا ويا، بازار ڊگهي ٿيندي وئي ۽ شھر جي ٻي ڪنڊ تائين وڃي پکيڙ ڪيائين. بعد ۾ هن بازار سان گڏ ننڍيون ننڍيون ٻيون بازارون گهٽين ۾ ٺھي ويون ۽ شاهي بازار پڪي قلعي کان نولراءِ مارڪيٽ، فقير جو پڙ، کاهي روڊ، ريشم گلي، ڇوٽڪي گهٽيءَ ۽ ٽاور مارڪيٽ تائين پکڙجي وئي. سنڌ جي ٻين ڪيترن شهرن ۾ پڻ شاهي بازارون موجود آهن.