شاهي ڇٻ

شاهي ڇٻ (ديھہ): هيءَ ديھہ ۽ تپي گڏاپ، تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي. ڇٻ پاڻيءَ جي ڇر يا پاڻيءَ واري ميدان يا کڏ يا ڪچي کي چيو ويندو آهي. گڏاپ کان کٻڙ لڪ، کار ۽ حب ڊيم ڏانهن رستا انهيءَ ديھہ مان گذري وڃن ٿا. هن مان ‘ڇٻ وارو ڍورو’ هاڪو بروهي ۽ ڪلو بروهي ڳوٺن وٽان وهي لياري نئين ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو