شاهپور جھانيان

شاهپور جھانيان: ضلعي نوابشاھہ ۽ تعلقي دولتپور جو هڪ قديم ۽ تاريخي شھر آهي. هيءُ شھر بخاري جھانيان سيدن جي ڪري مشھور آهي. مشھور شاعر ۽ فقير صفت سيد مهدي شاھہ بخاري، سيد علي گل، سيد مقصود شاھہ، سائين حسن شاھہ جھانيان هن خاندان جا چشم چراغ هئا. هر سال سترهين رجب تي سندن وڏن بزرگن جو عرس ملهايو ويندو آهي. نيشنل هاءِ وي ۽ النور شگر مل جي ڪري واپار جو مرڪز آهي. سنڌ جو مشھور عالم مولانا محمد ادريس ڏاهري هتان جو آهي، سندس قائم ڪيل مدرسو ۽ لائبريري نهايت مشھور آهن. رئيس ڄام گلڻ خان ڏاهري ۽ حاجي مرحوم عبدالرزاق خان سيٺر ۽ ٻگهيا قبيلن جا ماڻهو زميندار ۽ چڱا مڙس آهن. شھر کي يونين ڪائونسل جي حيثيت حاصل آهي، تعليمي ادارا ۽ صحت گهر پڻ اٿس. شھر جو وڻج واپار ۽ واهپو موري شھر سان آهي.


لفظ شاهپور جھانيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو