
شاهپور ماڳ
شاهپور I Shahpur (ماڳ): شاهپور جو ڳوٺ هندستان جي جند ضلعي (پنجاب) ۾آهي. هي ماڳ جند شھر کان 10 ڪلو ميٽر اتر ۾ آهي. شاهپور جو دڙو ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. دنکاري- شاهپور روڊ هن ماڳ جي وچان نڪري ٿو. سڄي جو سڄو ماڳ زرعي والار هيٺ اچي ويو آهي. پر وچ تي ڪجهہ حصو نموني طور رهايو ويو آهي، دڙي جي هن وقت اوچائي 0.5 ميٽر آهي، جڏهن تہ دڙو 3 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هتي ٻن دورن جون وٿون ملن ٿيون. ٺڪراٺو اوائلي هڙاپائي ۽ پوئين هڙاپائي دور جو موجود آهي، اوائلي سنڌو تھذيب واري ٺڪر ۾ هڪ وڏي ٿانوَ جو ٺڪر مليو، جنهن تي ڪارا وڏا پٽا نڪتل آهن. پوئين هڙاپائي دور جي ٺڪراٺي ۾ ڪن ٿانون جا ڪَنا، ڪولا، ڪجهہ مڻيا وغيرہ ملن ٿا. هتي سنڌو تھذيب جا ٻہ دور اوائلي تھذيب '>سنڌو تھذيب (Early Indus Period) ۽ پوئين تھذيب '>سنڌو تھذيب (Late Indus Period) جون وٿون ملن ٿيون. هن ماڳ جي کوٽائي ٿيل ڪانہ آهي.