شاهپور چاڪر

شاهپور چاڪر

شاهپور چاڪر

شاهپور چاڪر: ضلعي سانگهڙ جي تعلقي شھدادپور جو هڪ قديم تاريخي شهر، جيڪو مير چاڪر خان ولد مير شھزاد خان ٽالپر ٻارهين هجري صديءَ ۾ ٻڌايو هو. هيءُ شھر سانگهڙ ۽ نوابشاھہ جي وچ تي ٻنهي طرفن کان 30 ڪلوميٽرن (18 ميل) جي مفاصلي تي واقع آهي. شھر جي آبادي اٽڪل پنجاھہ هزار آهي. هن شھر جا رستا نواب شاھہ، سانگهڙ، شهدادپور، ٽنڊي آدم، جهول ۽ سنجهوري سان ڳنڍيل آهي. هن شھر مان ننڍي گيج واري ريلوي پٽڙي گذري ٿي ۽ هتي ريلوي اسٽيشن بہ آهي، ليڪن هن وقت غير فعال آهي.
شھر جي اتر اوڀر ۾ مير شھداد خان، مير چاڪر خان ۽ انهن جي خاندان جو تاريخي مقام آهي، سندن قبا نهايت خستہ حاليءَ ۾ آهن. شھر ۾ ٻہ هائر سيڪنڊري اسڪول، صحت گهر ۽ ٻيون آفيسون قائم آهن. شھر کي يونين ڪائونسل جي حيثيت مليل آهي. زرعي آبادي، مال پڙيءَ جي ڪري شھر واپار جو مرڪز آهي. وڏن راڄن وارا ماڻهو رهن ٿا. شھر جي پسگردائيءَ ۾ شاھہ بخش عمراڻي ڳوٺ، حاجي مُراد ڳوٺ، شير دل ڳوٺ، سليمان ڏاهري ڳوٺ، موريو خان سنجراڻي ڳوٺ، ساٿي خان بگٽي ڳوٺ، علي مُراد باگراڻي ڳوٺ، سائين رکيو خان ڪيريو ڳوٺ، دوست علي خان ڪوش ڳوٺ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڳوٺ موجود آهن، جن جو روزانو واهپو شاهپور چاڪر سان آهي.


لفظ شاهپور چاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو