شاهپوٽا (ذات): حسني سيدن جو هڪ پاڙو. شاھہ عنات جي اولاد مان رضوي سيدن جي هڪ شاخ، جن کي پير شاھہ پوٽا ۽ شاهپوٽا بہ سڏين ٿا. حاجي امام بخش شاھہ عرف وڌل شاھہ ۽ حاجي پير شاھہ بن مھر شاھہ هن خاندان جا وڏا هئا.
اهڙي ريت پالارين جي هڪ پاڙي جو نالو بہ ’شاھہ پوٽا‘ آهي. هن ذات وارا ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي ۾ رهن ٿا.