شايته: سرديءَ جي فوج. رومين سان مسلمانن جي ٿيل معرڪن دوران دشمن کي زير ڪرڻ لاءِ امير معاويه زبردست عسڪري قوت ۽ تنظيم جو مظاهرو ڪيو. سندس ٻہ هزار جھاز هر وقت تيار رهندا هئا. زميني جنگ لاءِ هن ‘شايته’ يعني سرديءَ ۽ ‘صائفه’ يعني گرميءَ جي فوج جي نالي سان ٻہ مستقل لشڪر تيار ڪيا، جيڪي پنھنجي مقرر موسمن ۾ سرحدن تي ڊيوٽي ڏيندا هئا.