
شاڪرعلي شاهه
شاڪرعلي شاھہ، سيد: سنڌ جي نامياري محقق ۽ آثار قديمہ جي ماهر سيد شاڪر علي شاھہ، 20 فيبروري 1964ع تي خيرپور ميرس ۾، سيد فتح علي شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد سکر تعليمي بورڊ مان 1980ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1982ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. 1987ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان بي. ايس. سي ۽ 1988ع ۾ ساڳئي شعبي مان ايم. ايس. سي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ 1991ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان لوڪل گورنمينٽ ۽ لوڪل ائڊمنسٽريشن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما، ۽ 2002ع ۾ شاھہ لطيف يونيورسٽي، خيرپور مان Exporation of Archeological Sites and Monuments in Nawabshah جي موضوع تي 2001ع ۾ ايم. فل پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن تہ ساڳي يونيورسٽيءَ مان nterpretation & Analysis of Built Heritage of Sukkur District جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي.
هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1990ع ۾ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي ائنڊ ميوزيم، پاڪستان ۾بطور فيلڊ آفيسر ڪئي. ان عهدي تي 2005ع تائين فائز رهيو، جڏهن تہ 2005ع کان سنڌ حڪومت جي آرڪيالاجي ائنڊ ميوزيم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. 2009ع کان 2011ع تائين ٽن سالن لاءِ وفاقي اداري آرڪيالاجي ائنڊ ميوزيم جي ايڪسپلوريشن ائنڊ ايڪسڪيويشن برانچ (کوجنا ۽ کوٽائي) ۾ ڊرائنگ ائنڊ ڊسبرسنگ آفيسر طور پڻ فائز رهيو. هن آثار قديمہ جي ماڳن تي تحقيق جو ڪم شاگرديءَ واري زماني (1988ع) کان موهن جي دڙي تي آرڪيالاجي کاتي طرفان هڪ رٿا تحت شروع ڪيو، جنهن کانپوءِ 1993ع ۾ تربت (مڪران) ۾ ڊاڪٽر واليريا فيورئني (Dr. Valeria Fiorani) جي رهنمائيءَ هيٺ 1994ع ۾ ‘جونا شاھہ بندر’ (ٺٽي) جي ماڳ تي ڪم ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر مونيڪِ ڪيوران (Moniqu Kerveran) جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ 1995ع ڌاري مهرڳڙھہ (بلوچستان) جي ماڳ تي ڊاڪٽر جي. ايف. جيرج جي سربراهيءَ ۾ تحقيقي ڪم سان واڳيل رهيو. 1998ع کان 1999ع تائين نيشنل هيريٽيج فائونڊيشن جي هڪ رٿا تحت پير مانڪ راءِ سائيٽ، هريپور تي کوجنا ڪيائين. 2001ع ۾ جرمن آرڪيالاجيڪل مشن تحت ڊاڪٽر يوٽي فرئنڪ ووگٽ (Dr. Ute Frank Vogt) جي اڳواڻيءَ ۾ بلوچستان جي مشھور ماڳ ‘نال’ (خضدار) سائيٽ تي تحقيق ڪندڙ عملي ۾ شامل رهيو. 2004ع ۾ شاهي ٽمپ نالي ماڳ (ضلعي تربت) جي کوٽائيءَ ۾ بہ ڊاڪٽر رولئنڊ بسنوال (Dr. Roland Basanwal) جو سهڪاري رهيو. ان کان سواءِ ٽيڪسيلا جي ماڳ بدلپور ۽ چانهونءَ جي دڙي تي ٿيندڙ کوٽاين ۾ شامل رهيو. هن پاڪستان حڪومت جي هڪ رٿا، سنڌ سروي پراجيڪٽ، تحت سنڌ جي مختلف ضلعن جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، نوابشاھہ، لاڙڪاڻي، دادو ۽ ٺٽي جي لڳ ڀڳ 599 قديم ماڳن جي پڙتال ڪري کين محفوظ ڪيو. هن ڪيترين ئي قومي توڙي عالمي سطح تي ٿيندڙ تربيتي ورڪشاپن ۾ حصو ورتو ۽ تحقيقي مقالا پيش ڪيا. سندس ڪيترا تحقيقي مقالا مختلف ريسرچ جرنلن توڙي مخزنن ۾ شايع ٿيا، جن ۾ دلشاد محل، جونا شاھہ بندر، سنڌو ماٿري ۽ قديم واپار، لاکين جي دڙي جي کوٽائي (1994)، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مقبرو، ٽيڪسيلا جي شاندار تاريخ، ٽيڪسلا واديءَ ۾ سِڪن جي تازي دريافت، چاغيءَ کان گوادر تائين ٽامي جي کاڻين جا رستا ۽ انهن جي تحقيق ۽ ٻيا مشھور آهن.
سيد شاڪر علي شاھہ جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن ۾: ‘Nawabshah- The lost glory’ (2002) ۽ ‘The lost glory of Sukkur’ (2016) اهم آهن.
1964.02.20 عيسوي
سنڌ جي نامياري محقق ۽ آثار قديمه جي ماهر سيد شاڪر علي شاهه، 20 فيبروري 1964ع تي خيرپور ميرس ۾، سيد فتح علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.