‘شاڪر’ محمد شاڪر: ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ پنھنجي ٿيسز ‘غزل جي اوسر'>سنڌي غزل جي اوسر’ ۾ شاڪر محمد ‘شاڪر’ شاعر بابت بيان ڪيو آهي. نامور شاعر محمد شاڪر ولد گل محمد ڇاپائي ٺٽي شھر جو رهاڪو هو ۽ سندس تخلص ‘شاڪر’ هو. هو ذات جو قريشي هو، پر ڌنڌي جي لحاظ کان ‘ڇاپائي’ سڏجڻ لڳو. هن مشھور شاعر مخدوم محمد ابراهيم خليل نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ سنڌي، پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ هڪ ذهين ۽ تيز فھم شاگرد هو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ شاعري ڪرڻ لڳو، شاعريءَ ۾ سندس استاد غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي هو. سندس غزلن تي پنھنجي استاد جو رنگ آهي. هن جي ڪلام ۾ رواني ۽ خيالن ۾ سادگي آهي. محمد شاڪر 1923ع تي وفات ڪئي.