شاڪر پير جو قبرستان

شاڪر پير جو قبرستان

شاڪر پير جو قبرستان

شاڪر پير جو قبرستان (ماڳ): هيءُ قبرستان دادو شھر جي اوڀر طرف، دادو- مورو روڊ جي ڏکڻ ۾، دادو ڪئنال جي اوڀرندي ڀر واقع آهي. هن ماڳ بابت چيو وڃي ٿو ته، ايترو پراڻو ڪونهي ۽ گذريل 50 سالن کان اهو مقام قائم ٿيو آهي، جنهن ۾ شاڪر شاھہ نالي ڪنهن بزرگ جي مزار بہ هئي. ان کان سواءِ هن قبرستان ۾ جمعيت علماءِ الاسلام جي هڪ عالم مولانا غلام مرتضى ملڪاڻيءَ جي قبر بہ آهي. هن وقت هي ملڪاڻين جو دادوءَ ۾ وڏو قبرستان سڏجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو