
شاهجهاني مسجد/ نصرخان واري مسج
شاھجھاني مسجد/ نصرخان واري مسجد: هي مسجد نصرپور شھر ۾ سلطان فيروز شاھہ تغلق جي دور جي يادگار آهي، جيڪا سلطان فيروز شاھہ جي امير، نصر خان قلعي جي بنياد رکڻ وقت سنڌو درياھہ جي شاخ سانڱري جي اڀرندي ڪناري تعمير ڪرائي هئي. جنهن جي پوءِ شاھجھان مغل بادشاھہ جي دور ۾ ٺٽي جي هڪ مغل نواب مرمت ڪرائي، جنهن سبب هي مسجد‘شاھجھاني مسجد’ سڏجڻ ۾ آئي. هن مسجد جي احاطي ۾ پٿر جا ست مضبوط ٿنڀ اڏيل هئا، جن تي ڪاٺ جون ڪامون چڙهيل هونديون هيون، جن مٿان نمازين لاءِ احاطي ۾ ڇانو ڪئي ويندي هئي. موجودہ دور ۾ نصرپور جي شهرين هن مسجد جي ٻيهر جديد طرز ۾ مرمت ڪرائي آهي، ان سبب مسجد جي اصل سونهن باقي ناهي رهي.