شاھجھان نامہ (عمل صالح): هن ڪتاب جو لکندڙ محمد صالح ڪمبوه، لاهور جو رهاڪو هو. پاڻ مغل شاهي درٻار ۾ ملازم هو. ان ڪري هن کي متعلقه دور جي گهڻي ڄاڻ هئي. ان پس منظر ۾ پاڻ هي ڪتاب لکيائين.
شاھجھاني دور تي لکيل ‘عمل صالح’ ڪتاب ۾ مغل دور تي تاريخي مواد شامل آهي. خاص ڪري هن دور تي ‘عمل صالح’ هڪ اهم معلوماتي ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آهي. پهرئين جلد ۾ بابر، همايون، اڪبر ۽ جھانگير جي ذڪر بعد شاھجھان جي ولادت جو بيان بہ ملي ٿو. هن جلد ۾ شاھجھان جي ڇھن سالن جي بادشاهيءَ جو احوال پڻ لکيو ويو آهي. ٻيون جلد هن عظيم بادشاھہ جي ويهن سالن جي حڪومتي دور بابت لکيو ويو آهي. ٽيون جلد بادشاھہ جي وفات تي ختم ٿئي ٿو. هن جلد جي آخر ۾ شاھجھاني دور جي اهم عالمن، صوفين، شاعرن ۽ اميرن متعلق بہ ڄاڻ ڏي ٿو. ان کان سواءِ شهزادن، اميرن ۽ فوجي عملدارن جي لسٽ به، محمد صالح پنھنجي هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي. غلام يزداني جهڙي معتبر عالم جي نگرانيءَ ۾ ‘عمل صالح’ اصل فارسي ڪتاب، 1923ع ۽ 1927ع ۾ ڪلڪتي مان ڇپيو هو. مرڪزي اردو بورڊ لاهور هن ڪتاب جو اردو ترجمو، جلد اول سال 1971ع ۾، ۽ ٻيون ٽيون جلد (گڏيل)، سال 1974ع ۾ شايع ڪيو آهي. مترجم ڊاڪٽر ناظر حسين زيدي، وڏي محنت سان هي ترجمو ڪيو، ۽ پهرئين جلد جي مھڙ ۾ ڪتاب جو جامع تعارف ڏنو آهي.