شاھہ اسد: شاهڪار سنڌي فلمون ڏيندڙ هدايتڪار، فلم ساز، شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار شاھہ اسد جو پورو نالو اسد ﷲ هو، هن 15 آگسٽ 1947ع ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي. ٽنڊي آدم جي شاھہ لطيف هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. سندس مامو موسيٰ ڪليم شاعر هو، ان جي صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ شاھہ اسد شروع ۾ شاعر طور ‘محبوب ترمذي’ نالي لکندو هو. ايل. ايل. بي ۽ ايم. اي (سوشالاجي) پڻ ڪئي هئائين. هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ‘رنگ محل’ فلم جا گيت لکيا. اها فلم سئنيما باڪس تي ڪامياب وئي.
شاھہ اسد، ابتدا ۾ اسٽيج ناٽڪ ڪيا ۽ پنھنجي شھر ۾ 50 کان وڌيڪ اسٽيج ڊراما پيش ڪيا. هن ٽنڊي آدم ۾ ‘ادارہ نواءِ ادب ’ جو بنياد بہ وڌو. سندس شاعريءَ کي سنڌي فلمن لاءِ رونا ليليٰ، مهناز، انور وسطڙي، حميرا چنا، محمد يوسف، امام بخش زرداري، جلال چانڊيي ۽ ٻين فنڪارن ڳايو. هن 1974ع ۾ فلم ‘غيرت جو سوال’ لاءِ ڊائلاگ لکيا ۽ شاعري ڪئي. شاھہ اسد 1985ع ۾ فلم ‘جلال چانڊيو’ ٺاهي ۽ ان فلم ۾ جلال چانڊيي کي هن هِيري طورکنيو. هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر ۽ ليکڪ پاڻ هو. بعد ۾ هن فلم تي حڪومت پابندي هنئي، پر عوام جي سخت احتجاج تي فلم تان پابندي لاٿي وئي. 1980ع کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ ساھہ وجهڻ وارو شاھہ اسد هو. هو آخر تائين سنڌي فلمن لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪندو رهيو. سنڌي فلمن جي لڳاتار ڪاميابين کان پوءِ شاھہ اسد سنڌي فلمن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو، 1989ع ۾ سنڌي فلم ‘شھيد’ ٺاهي. جنهن جو مرڪزي خيال انگريزن جي خلاف وڙهندڙ ‘حر مجاهد’ فورس هو. هن فلم کي ‘نيشنل اوارڊ’ بہ مليو. فلم ‘شھيد’ جو ليکڪ ۽ هدايتڪار خود شاھہ اسد هو. 1990ع ۾ سنڌي فلم ‘جيئي لطيف’ ٺاهي وئي، جنهن جو بہ ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار خود هو. هن فلم ۾ شاھہ اسد مرڪزي ڪردار اسد قريشيءَ کي ڏنو. شاھہ اسد 1992ع ۾ سنڌ جي مشھور ڌاڙيل ‘محب شيدي’ تي فلم ٺاهي. هن فلم جو فلمساز، اداڪار يار محمد شاھہ هو، جڏهن تہ شاھہ اسد فلم جو هدايتڪار، شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو. فلم ‘محب شيدي’ شاھہ اسد جي آخري فلم هئي. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار گلاب چانڊيي کي ڏنو، هن فلم ‘پرو چانڊيو ’ وارو رڪارڊ ٽوڙيو ۽ سٺو بزنس ڪيو. ڪراچي ۽ لاهور ۾ رهندي هي فلم ڊسٽريبيوشن واري شعبي سان پڻ لاڳاپيل رهيو ۽ ’شاھہ موويز‘ نالي سان ادارو ٺاهي وحيد مراد جي فلم ‘واعدا’ ۽ منور ظريف جي فلم ‘جانو ڪپتي’ رليز ڪيائين. آخري ڏهاڙن ۾ سنڌي فلمن جي مارڪيٽ نہ هئڻ ڪري ۽ سنڌي فلم جو زوال ڏسي هن سنڌي ٽيلي فلم ‘شاگرد’، ‘ڀٽو زندھہ آهي’، ‘شمن ميرالي’ ۽ آخري ٽيلي فلم ‘مان عاشق تنهنجو آهيان’ هڪ ٻئي پٺيان ٺاهيون، پر اهي ٽيلي فلمون ڪامياب ٿي نہ سگهيون. سندس مشھور فلمن ۾ ‘جلال چانڊيو’، ‘پرو شھيد’، ‘جيئي لطيف’ ۽ ‘محب شيدي’ قابل ذڪر آهن، جڏهن تہ ‘غيرت جو سوال’، ‘جلال چانڊيو’، ‘جيئي لطيف’ ۽ ‘محب شيدي’ فلمن ۾ سندس گيت فلمايل آهن.
شاھہ اسد جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ‘دل ۽ ڌرتي’ نالي سان شايع ٿيل آهي. هن ٻہ شاديون ڪيون. کيس پهرين گهر واريءَ مان ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.
1947.08.15 عيسوي
شاهه اسد جو پورو نالو اسد الله هو، هن 15 آگسٽ 1947ع ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾جنم ورتو.
2005.11.29 عيسوي
شاهه اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.