شاھہ اسماعيل صوفي ٺٽوي

شاھہ اسماعيل صوفي ٺٽوي : سندس اصل نالو اسدالله عرف شاھہ اسماعيل صوفي ولد شاھہ نعمت ولد شاھہ محمد يوسف ولد شاھہ محمد يعقوب ولد شيخ شاھہ ابوالقاسم هروي هو . هن بزرگ جا وڏا هرات مان ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيا. هن خاندان جا بزرگ صاحب تقويٰ ۽ ڪماليت جا ٿي گذريا آهن، جن مان شاھہ اسماعيل وقت جو وڏو بزرگ ڪرامتن ۽ وڏي ڪمالات جو مالڪ هو. هندستان مان شاھہ عاشق نالي هڪ وحدةالوجودي صوفي ٺٽي ۾ آيو ۽ کانئس ان کان تصوف جو فيض حاصل ڪري خلافت جو خرقو ورتائين ۽ هن جا شاھہ عنايت صوفي جهوڪ واري سان دوستي ۽ اخلاص جا گهاٽا تعلقات هئا. شاھہ اسماعيل صوفي گهڻو ڪري مثنوي روميءَ جو درس ڏيندو هو. روايت مشھور آهي تہ هڪ ڏينهن درس ڏيندي اوچتو ئي سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ سندس سموري بدن تي چهبڪ جي ڌڪن جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، هڪدم وڏي چادر گهرائي بدن تي اوڍيائين. آخر معلوم ٿيو تہ ٺٽي جي ڪوٽواليءَ ۾ ڪنهن ڏوهاري کي ڦٽڪن جي سزا ملي رهي هئي، جنهن جو اثر شاھہ صاحب جي بدن تي ظاهر ٿي رهيو هو. شاھہ اسماعيل صوفي عام ماڻهن جو خدا ڪارڻ علاج بہ ڪندو هو. بعض حالتن ۾ مرڻ جي ويجهو ماڻهن لاءِ دوا وٺڻ لاءِ ايندا هئس تہ علاج اهڙو ڪندو هو، جو اُهي بيمار چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا. سندس خاص مريدن مان شاھہ عبداللطيف صوفي ۽ شاھہ محمد مسعودي ولهاري آهن. شاھہ اسماعيل ڪڏهن ڪڏهن صوفياڻي انداز ۾ شعر بہ چوندو هو. ٻارهين صديءَ جي وچ ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو