شاھہ اسماعيل ڀڙي وارو

شاھہ اسماعيل ڀڙي وارو: شاھہ اسماعيل ڀڙي وارو، مشھور اسماعيلي مبلغ، پير صدر الدين جي پيڙهيءَ مان پير تاج الدين عرف شاھہ طُريل جو فرزند هو. شاھہ طُريل جي مزار تعلقي ٽنڊي باگي، تپي چانيري ۾ آهي. شاھہ طريل، رتي ڪوٽ جي ٺڪرن مان پسند جي شادي ڪئي هئي. جنهن مان سال 873ھہ/ 1468ع ۾ شاھہ اسماعيل ڄائو. شاھہ طريل جلد ئي وفات ڪري ويو ۽ شاھہ اسماعيل جي پرورش ناناڻن ۾ ٿي. پاڻ غوث بھاءُ الدين ذڪريا ملتانيرح جي سلسلي ۾ سھروردي طريقت ۾ داخل ٿيو. سندس شجرو 22هين پيڙهيءَ ۾ امام زين العابدين سان ملي ٿو. سندس پونير ملتان جا مريد آهن. هن جا ناناڻا، جيڪي سندس اثر هيٺ مسلمان ٿيا هئا، سي هينئر ‘سوڍا ساند ’ سڏجن ٿا. سندس صحبت ۾ مهراڻ فقير بہ مسلمان ٿيو، جنهن جا پونير ‘مهراڻ’ سڏجن ٿا. هن بزرگ 992ھہ/ 1584ع ڌاري وفات ڪئي. سندس روضو تعلقي پٿوري جي ديھہ 16 هيرل ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو