
شاهه اولياء خان جي درگاهه
شاھہ اولياء خان جي درگاھہ: هيءَ درگاھہ، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾، ٽنڊي باگي شھر کان 10 ڪلوميٽر اوڀر طرف ديھہ نئون پاڙو ۾ واقع آهي. هن درگاھہ ۾ اولياء خان نالي بزرگ جي مزار کان علاوہ اٺ ٻيون بہ نامعلوم قبرون آهن. اولياء خان جي مزار کي ڏوليءَ نما ڪاٺ جو ڪٽهڙو ڏنل آهي، جيڪو مختلف رنگن سان سينگاريل آهي، جڏهن تہ ٻيون مزارون بلڪل ساديون ۽ پٿرن سان ڍڪيل آهن. هن بزرگ جي دور بابت ڪابہ معلومات نٿي ملي، پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ سندس تعلق ملتان جي ولي ۽ بزرگ حضرت بھاءُ الدين زڪريا جي خاندان سان هو. هڪ ڪمري جيتري ايراضيءَ تي مشتمل هيءَ درگاھہ پڪين سرن ۽ پلستر سان اڏيل آهي. ٻاهرين ديوارن جي چؤڌاري نوڪدار ونگ سان کسي درين جا پينل ڏنل آهن. مھڙ واري ديوار جي وچ تي داخل ٿيڻ لاءِ ڪاٺ جو در نصب ٿيل آهي. در جي مٿان ورن وڪڙن سان خوبصورت ڊزائين ٺهيل آهي، ڇت ٽيئر گارڊرن جي آهي، جنهن جي چئني طرفن کان ڇڄو نڪتل آهي، وچ تي اٺڪنڊو ڳچ ۽ مٿان ڦارائون گنبذ رکيل آهي. گنبذ جي هيٺئين حصي ۾ ننڍڙا ننڍڙا ونگ، گنبذ تي اُبتو ڪوڻيءَ جو گل ڏنل آهي. ان جي مٿان ننڍي نيل رکيل آهي. ٻيڙٻني جي چئني طرفن کان گول مينار آهن، جن مٿان ننڍڙيون گنبذڙيون ۽ هڪ هڪ نيل رکيل آهي. درگاھہ جي ويجهو ڏھہ (10) قديم قبرون زبون حالت ۾ موجود آهن ۽ برسات سبب ڊهي ويل هڪ قديم ديوار جا آثار بہ نمايان آهن. مقبري جي چؤڌاري قبرستان ۾ ڪيتريون ئي ڪچيون پڪيون قبرون آهن. موجودہ وقت ۾ هن درگاھہ جو گادي نشين ميان نصير محمد شاھہ آهي. هن درگاھہ تي هر سال صفر جي مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهو وڏي عقيدت سان شريڪ ٿي زيارت ڪندا ۽ باسون باسيندا آهن.