شاھہ بابا مرزا، ترخان: ترخان شهزادو، مرزا جان بابا بيگ ترخان جو پٽ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان اول جو پوٽو هو. مرزا عيسيٰ ابتدا ۾ مرزا صالح کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪيو، ليڪن ان جي قتل ٿيڻ ڪري، عيسيٰ مرزا جان بابا کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو. پر مرزا عيسيٰ جي گهر واري ماھہ بيگم ڪوشش ڪري مرزا محمد باقيءَ کي ولي عھد مقرر ڪرايو. پر هن احسان فراموش پٽ پنھنجي ماءُ ماھہ بيگم، جنهن کيس تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻايو، ان کي بکيو ۽ اڃيو قيد ۾ رکي مارائي ڇڏيو (هيءَ اها ئي ماھہ بيگم هئي، جيڪا مرزا شاھہ حسن جي زال هئي، جنهن مڙس جي مرڻ کانپوءِ مرزا عيسيٰ سان شادي ڪئي هئي) ۽ اڳتي هلي پنھنجي ڀاءُ مرزا جان بابا کي بہ وڏي بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيو. مرزا باقي جهڙي ظالم، بدڪردار ۽ سفاڪ انسان سنڌ جو حاڪم ٿيندي ئي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. هن ارغونن توڙي ترخانن بلڪ پنھنجي ڀائرن، ڀائٽين ۽ ناٺين سميت ڪيترن ئي بيگناهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪرايو. انهي واقعي کانپوءِ مرزا جان بابا جو پٽ مرزا شاھہ بابا ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ سنڌ ڇڏي هندستان هليو ويو.
انهيءَ دوران مرزا باقي بيگ خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ تخت تي مرزا جاني بيگ ويٺو. مرزا جاني بيگ نسبتاً بهتر حاڪم هو. هن مرزا باقي جي ڪيل ظلمن جو ازالو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ارغونن ۽ ترخانن کي وڏي عزت ۽ مان ڏيڻ شروع ڪيو. جڏهن مرزا جاني بيگ اڪبري درٻار ۾ هندستان پهتو ته، اتي مرزا شاھہ بابا کي موجود ڏٺائين. جاني بيگ جي منٿ ميڙ کانپوءِ، هو ٺٽي موٽي آيو. جاني بيگ جي ننڍي پڦي، شاھہ بابا جي نڪاح ۾ آئي. ان کانپوءِ مرزا شاھہ بابا سُکي زندگي گذارڻ لڳو. (مڪلي نامه، ص 528، حسام الدين راشدي)