
شاهه بديع الدين جي مقبري جو اندريون ۽ ٻاهريون ڏيک
شاھہ بديع الدين جو مقبرو: شاھہ بديع الدين جو جهُريل مقبرو يا قُبو بدين شھر کان چار ميل پري، ميرواھہ جي کاٻي ڪپ تي، بدين- ڪراچي پڪي رستي تي، تعلقي بدين جي حدن ۾ موجود آهي. مقبرو لڳ ڀڳ سڄو ڊهي چڪو آهي. هن وقت بچيل مقبري جو هڪ حصو سنهين سرن مان ٺهيل آهي، اهي سرون بہ کُليل درزن سان موجود آهن. مٿانئن ڪو بہ راڳو يا ڪو بہ پلستر ٿيل ڪو نہ آهي. البت منجهس موجود ونگائون لنگهہ سلامت آهي، ان ونگ جي بچيل ڪجهہ حصي تي نيري ڪاشيءَ جو شاندار ڪم آهي.
هيٺان کان مٿي اوساريل مقبرو اٺ ڪنڊو ڪري کنيو ويو آهي ۽ ان تي شاندار گچ (Drum) ٺاهي، منجهس هوا لاءِ هڪ دري رکي وئي هئي، جيڪا اڃا سلامت بيٺي آهي. مٿان گول گنبذ رکيو ويو آهي، جيڪو ترخان دور جي گنبذن جهڙو آهي، جنهن جو اڌ حصو ڪري پيو آهي. مقبري جو اندريون اڌ حصو اڃا سلامت آهي. لنگهہ ونگ تي ٻڌل آهي. لنگهہ جي مٿان نيري ڪاشيءَ جو فوٽ ڏيڍ جو پٽو ڏنل آهي. گنبذ جي اندران بہ محرابي حصي ۾ 6 کسي دريون بيٺيون آهن. ستين دري کليل آهي. چوڌاري سرن جا ڍير پيا آهن. هن مقبري جي مرمت ناهي ٿي، جو هن مقبري کي سنڀاليندڙ ڪير بہ نہ آهي. مقام ۾ ٻہ گهاڙيون سٺي حالت ۾ موجود آهن. شاھہ بديع، حضرت بهاؤ الدين ملتانيءَ جو پوئلڳ هو ۽ مرشد جي چوڻ تي هتي اسلام جو پرچار ڪرڻ آيو هو. هن کي مقامي ماڻهو محبت مان ‘بدي’ ڪري سڏين ٿا.
ڪن جو چوڻ آهي تہ سھروردي طريقي جي هن بزرگ جي نالي پويان بدين جو نالو پيو آهي. هتي هڪ ٻيو بہ ڦٽل بنا ڇت ۽ گنبذ جي مقبرو آهي، جنهن ۾ چار پڪيون قبرون آهن. جن بابت ڪا ڄاڻ نہ ٿي ملي پر انهن تي بہ پڙ پيل آهن. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب حضرت شاھہ بديع الدين ڀرواري ڳوٺ ‘قريشن جي ڳوٺ’ جو رهواسي هو.