شاھہ بلاول نوراني: مشھور بزرگ بلاول نوراني'>شاھہ بلاول نوراني اصل موجودہ سنڌ جو رهاڪو هو، 900ھہ/15هين صدي عيسويءَ ۾ لاهوت (لسٻيلو) ويو، جتي هميشہ لاءِ ترسي پيو. سندس مزار ضلعي لسٻيلي ۾ لاهوت ويجهو ڳوٺ شاھہ بلاول نورانيءَ ۾ آهي. اهو ڳوٺ سندس نالي سان سڏجي ٿو. سندس مقبرو پٻ جبل تي آهي. ان جبل جي هنج مان مٺي پاڻي جو چشمو وهي ٿو. سندس درگاھہ زيارتين لاءِ هر وقت کليل رهي ٿي، پري پري کان عقيدتمند درگاھہ تي اچي حاضري ڀريندا آهن. عام رايو آهي تہ انهي علائقي ۾ پهرين گوڪل نالي هندو راڄ ڪندو هو، جنهن کان بلاول نوراني'>شاھہ بلاول نوراني مقابلو ڪري اهو علائقو فتح ڪيو.