شاھہ بھارو

شاھہ بھارو: شاھہ بهارو، ذات جو جنجهڻ هو. شيخ صادق علي موجب ’جنجهڻ‘ اصل ۾ سماٽ برادريءَ جو حصو آهن. هي خاندان ابتدا کان ڪلهوڙا حڪومت سان لاڳاپيل رهيو. ابتدا ۾ مقصودو فقير نامور امير ٿي گذريو، جو شاھہ بھاري جو وڏو ڀاءُ هو. عام راءِ آهي تہ شاھہ بھاري ڪلهوڙن پاران اسي کان وڌيڪ لڙاين ۾ حصو ورتو ۽ هر جنگ ۾ ڪامياب ٿيو. سن 1144ھہ/ 1731ع ۾ قلات جي والي عبدالله خان سنڌ جي خلاف لشڪرڪشي ڪئي. ان جنگ ۾ ميان نور محمد پاران شاھہ بھاري لشڪر جي ڪمان سنڀالي. هن خونريز جنگ ۾ عبدالله خان مارجي ويو ۽ سنڌ جو لشڪر سرخرو ٿيو. سال 1159ھہ/ 1746ع ۾ ڪانجي ڪوٽ جي مھم ۾ بہ شاھہ بھارو لشڪر جو مهندار ٿيو. هن مھم ۾ بہ سنڌ جو هي سپوت ڪامياب ٿيو. پاڻ ڪلهوڙن پاران چانڊڪا پرڳڻي جو ناظم رهيو. اتي رهندي سنڌ- بلوچستان سرحدن تي نظرداري ڪيائين. هن پرڳڻي ۾ عوامي فلاح خاطر کوھہ، واھہ ۽ ٻيا تعميري ڪم ڪرائي نالو پيدا ڪيائين. سنڌ جي بچاءَ خاطر ڳچ تعداد ۾ ڪوٽ ۽ قلعا بہ ٺهرايائين. محمد مرادياب خان ۽ ميان غلام شاھہ خان وچ ۾ اقتدار جي ويڙھہ شروع ٿي (1170ھہ/ 1757ع) ته، شاھہ بھاري ان معاملي ۾ ميان غلام شاھہ جي مدد ڪئي. سندس ڀاءُ مقصودو فقير، ڀاءُ جي ابتڙ محمد مرادياب ڪلهوڙي جي مدد ڪري رهيو هو، جو بعد ۾ وفاداري تبديل ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو. هن واقعي کان پوءِ شاھہ بھاري جو ڪو ڪردار نہ ٿو ڏسجي. غلام رسول مھر موجب ڪلهوڙن جو هي وفادار سپھہ سالار 1148ھہ/ 1736ع ۾ فوت ٿي ويو. (تاريخ ڪلهوڙا، جلد ٻيو، ص 838). قانع جي لکت آهي تہ هو 1170ھہ/ 1757ع تائين سرگرم هو. ان جو مطلب تہ ان سال کان پوءِ شاھہ بهارو، هن فاني جھان مان رخصت ٿيو. سنڌ جي هن سورهيه سپھہ سالار جي مزار تي، هينري ڪزنس موجب 1188ھہ/ 1774ع ۾ مقبرو تعمير ڪيو ويو. هي مقبرو ميان غلام شاھہ جي حڪم سان تعمير ٿيو. مقبري جي اڏاوت جي خاص خوبي ڪاٺ جي اڪر سان ٺهيل بھترين دروازو ۽ مقبري جي مٿان عمدو شمعدان آهي. اهڙو وڌيڪ شمعدان صرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري تي موجود آهي. (سنڌ جا قديم آثار، انگريزي، ص 159- 160) حقيقت ۾ مقبري جي تعمير واري سال ۾، ميان سرفراز سنڌ جو حاڪم هو. البت ائين ٿي سگهي ٿو ته، غلام شاھہ جي حڪم تي مقبري جي اڏاوت شروع ٿي هجي ۽ ڪم جو پورائو ميان سرفراز جي دور ۾ ٿيو. هن وقت مقبرو زبون ٿي چڪو آهي. ڪنهن بہ وقت اهو ڊهي ڍير ٿي سگهي ٿو.


لفظ شاھہ بھاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو