شاھہ بھارو جهنجهڻ لائبرري لاڙڪاڻو

شاھہ بھارو جهنجهڻ لائبرري لاڙڪاڻو: ارڙهين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نائب ۽ سپھہ سالار شاھہ بھاري وٽ هڪ وڏي لائبرري هئي، جنهن ۾ هزارين ناياب قلمي ڪتاب رکيل هئا. لائبرريءَ لاءِ ڪاتب طور مدد خان آچو وٽس مقرر ٿيل هوندو هو. شاھہ بھاري 1134ھہ/ 1721ع ۾ حج کان واپسيءَ تي ڪيترائي عربي زبان ۾ ديني ڪتاب خريد ڪري پنھنجي ڪتبخاني ۾ اضافو ڪيو. شاھہ بھاري جي هيءَ لائبرري سنڌ جي تمام وڏين ۽ قديم لائبررين ۾ شمار ٿيندي هئي. وقت گذرڻ سان هيءَ لائبرري آهستي آهستي ختم ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو