
شاهه بهاري جو مقبرو
شاھہ بھاري جو مقبرو (ماڳ): شاھہ بھاري جو مقبرو بهارآباد محلي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. هي مقبرو سنڌ جي هاڪاري حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي، شاھہ بھاري جي خدمتن عيوض مٿس ٺهرايو. هي مقبرو هڪ مستطيل ٿلهي تي آهي، جيڪو زمين جي مٿاڇري کان 4.4 فوٽ اوچو آهي. ٿلهي جي ڊيگهه ۽ ويڪر 70x71 فوٽ آهي. ٿلهي تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جنهن تي اڌ گول نموني جا ڏاڪا ٺهيل آهن. دروازو اوڀر ۾ موجود اٿس. ڪاٺ جي ٺهيل دروازي تي رنبيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. مقبرو 29x29 چورس فوٽ آهي. لنگهه 2/9.4 فوٽن جو ڏنل اٿس، جنهن جي مٿان وڏو ونگ 15.6x6.6 فوٽن جو ٺهيل آهي. دروازي جي مٿان ڪاشيءَ سان سينگاريل طاق موجود آهي، ان جي مٿان پانيل ٺهيل آهن. مهاڙي خوبصورت، اوچين منارين ۽ سڌن ۽ اڀن پانيلن سان سينگاريل آهي. ڪنڊن تي مخصوص گهاڙ جا چار برج آهن. پانيل، ٻن ٻانهين جي آخري ڇيڙي وٽ اڳيان مھڙ ۾ بہ ڏنل آهن. اڳين مهاڙيءَ وارن برجن جي ماپ 8.8 فوٽ آهي. ٻانهين جي ڪنڊن وارن برجن جي ماپ 4.8 فوٽ آهي. برجن تي ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. مقبري جي باقي حصي تي 5 پانيل ڏنل آهن، جيڪي ٽن سڌين قطارن ۾ حاشيہ کان مٿي ٺهيل آهن. اندريون ڪمرو 27X27 فوٽن جو آهي. فرش تي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. مقبري ۾ اندر هڪ فوٽ اوچي ٿلهي تي، جيڪو اتر- ڏکڻ 22.3 ۽ اوڀر اولھہ 17 فوٽن جو آهي. ٻن قطارن ۾ 9 قبرون ٺهيل آهن. اتر کان ٻئي نمبر واري قبر شاھہ بھاري جي آهي. مقامي روايت آهي تہ اتي ڏهين قبر بہ هئي، جيڪا هاڻي ڪانہ آهي. چورس حجري جي ڪنڊن تي حاشيہ (Dado) کان مٿي، هر ڪنڊ تي وڏو کسڪي ڏنل ونگ (Recessed Arch) 7.6 ويڪري ۽ 15.3 اوچي ٺهيل آهي. محراب 8.8 فوٽ اوچو ۽ 4.4 فوٽ ويڪرو آهي. اولاهين ڀت جي وچ تي ٺهيل محراب جي ونگ (Arch) تي راسيون نڪتل آهن. اتر ۽ ڏکڻ واريون ديوارون 5.9 فوٽ اوچيون، ٻہ فوٽ ساڍا ست انچ ويڪريون ۽ 5.1 فوٽ اونهيون (Deep) دريون ٺهيل آهن، جن ۾ هاڻي لوهي ڄاريون هنيون ويون آهن. ايڪيهن فوٽن تي قبي جي چوڌاري ديوارن کي ڪانس (Cornice) ڏنل آهي. ڪانس جي مٿان 16 ننڍا جارا ٺهيل آهن، جن جي مٿان ڳچ (Drum) ۽ ان جي مٿان گنبذ، گنبذ جي مٿان فانوس ٺهيل آهي، ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي. ڳچ تي چؤڌاري سوراخ نڪتل آهن، جنهن تي هاڻي ڄاريون هنيون ويون آهن. ان ڳچ ۾ اٺ عدد روشندان هوا ۽ روشنيءَ لاءِ رکيا ويا آهن. جارا چٽيل آهن، فرش کان گنبذ جو بنياد 31 فوٽن تي مبني آهي. گنبذ جو اندريون قطر ٿلهي ليکي 24.4 فوٽ آهي. هي مقبرو ڊيگهه ۾ وڏو ۽ اوچائيءَ ۾ ننڍو آهي. اها ڪلهوڙا دور جي اڏاوتن جي خصوصيت آهي. گنبذ جي ڳچ جي سورنهن ئي پاسن تي ڪانس نڪتل آهي. ڳچ جي هر ڪنڊ تي ڪلسو ڏنل آهي. شاھہ بھاري جي مقبري جو نماءُ (Feature) نيارو آهي، جيڪو اسلامي اڏاوتن ۾ ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو. فانوس اٺڪنڊو 16 فوٽ اوچي گنبذ جي مٿان ٺهيل هو، ان جي مٿان ڪلسو ڏنل، ان ڪلس جي ماپ 2.9 فوٽ هئي، جيڪا هاڻي نہ رهي آهي. هن مقبري جا گهڻا ڪنگرا، ڪاشيءَ جون سرون، نوڪدار برجيون ۽ خوبصورت ڪلسا وغيرہ هاڻي ميسارجي ويا آهن.
شاھہ بھارو ڪلهوڙن جو منصبدار، جرنيل هو، ڪافي جنگين ۾ ڪلهوڙن پاران وڙهيو. مٿس قبو غلام شاھہ ڪلهوڙي مڃتا طور ٺهرايو هو. ڪنهن زماني ۾ هتي ڪابہ قبر ڪانہ هئي، پر هاڻي چڱو خاصو قبرستان ٺھي ويو آهي. اندر ٿلهي جي ڀرسان بہ قبرون ٺاهيون ويون آهن. روضي جي ٽن پاسن کان والار ٿي چڪي آهي.