شاھہ جو کوھہ

شاھہ جو کوھہ: ڀٽ شاھہ تي، شاھہ لطيف جي درگاھہ جي احاطي ۾ مقبري جي بلڪل سامهون اوڀر پاسي هڪ کوھہ آهي، جنهن کي شاھہ جو کوھہ ڪري سڏيو وڃي ٿو.
شاھہ لطيف، ڀٽ تي فقيرن ۽ آل عيال سان گڏ رهائش اختيار ڪرڻ وقت اهو کوھہ کوٽرايو هو، جنهن جون ڀتيون پٿر ۽ پڪين سرن جون آهن. کوھہ جي ويڪر 15 فوٽ آهي ۽ اهو 200 فوٽ اونهو آهي. جنهن ۾ اڄ ڏينهن تائين 50 کان 60 فوٽن تائين پاڻي رهندو آهي. انهيءَ پاڻيءَ کي شاھہ لطيف جي ڏينهن کان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. هينئر تہ انهيءَ کوھہ جي پڳ کي 12 فوٽ کن مٿي ڪري ان تي ڪاشيءَ جون سرون لڳائي بند ڪيو ويو آهي ۽ پاسي کان هيٺ لھڻ لاءِ لوهي ڏاڪڻ ٺهيل آهي ۽ اندرئين پاسي سيمينٽ ۽ لوھہ سان جهلون ٺاهي، پاڻي ڇڪڻ لاءِ موٽرون پڻ لڳايون ويون آهن. اڄڪلھہ هتان پاڻي ايتري مقدار ۾ ڪڍيو وڃي ٿو، جو درگاھہ، سيد ڪالوني ۽ شيخ محلي جو بہ گهڻو حصو انهيءَ پاڻيءَ کي استعمال ڪري ٿو.


لفظ شاھہ جو کوھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو