شاھہ جو ڪنڊو

شاھہ جو ڪنڊو: هيءُ ماڳ ڀٽ شاھہ کان ٻہ ڪلوميٽر اوڀر طرف شھدادپور واري رستي تي آهي. هن جاءِ تي وڻن جي ويڙھہ ۾ شاھہ لطيف، نوجوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪنڊائتو ويهي، عبادت ۽ رياضت ڪندو هو. هينئر اها ويڙھہ لڳ ڀڳ اڌ ايڪڙ تي آهي، باقي چوڌاري ٻني ٻارو ٿئي ٿو. روايت آهي ته، هڪ ڀيري شاھہ لطيف، ياد الاهيءَ ۽ روحاني ڪيفيت ۾ ايڏو محو ٿي ويو، جو ٻہ ٽي ڏينهن گذري ويا ۽ واءُ لڳڻ ڪري ڪنڊي واري جاءِ تي شاھہ لطيف مٿان بہ واري وري وئي. جڏهن شاھہ حبيب کيس ان حالت ۾ ڏٺو تہ دل ڀرجي آيس ۽ چيائين:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي.
اهو ڏکائتو آواز ٻڌي شاھہ لطيف جواب ڏنو تہ:
پيئي کڻي پساھہ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
انهيءَ روايت جو تعلق هن هنڌ سان آهي، جيڪو شاھہ جي ڪنڊي جي نالي سان مشھور آهي ۽ اڄ تائين زيارت گاھہ بڻيل آهي. جڏهن تہ هڪ ٻيءَ روايت موجب هن واقعي جو هنڌ ڪيٽائين آهي.
هيءُ جُوءِ هڪ سرسبز چراگاھہ پڻ هو، جتي شاھہ لطيف جو چوپايو مال چرندو هو. خاص ڪري ڀاڳناڙي (بلوچستان) جون ڳاڙهيون ڍڳيون، جيڪي شاھہ لطيف شوق سان پاليون هيون، انهن جي سارسنڀال لاءِ ڪيترائي پھر انهيءَ جاءِ تي اچي رهندو هو. هيءَ جاءِ اڄ بہ موجود آهي.
ڪنڊي جو جهونو ٿڙ، زمين تي ڪريل آهي، جنهن جا ٻہ ڏار اتر ۽ ڏکڻ طرف پکڙيل آهن. ڪنڊو اڃا تائين سائو آهي. ان جي ٿڙ ۾، هن دور جي ڍونگي ماڻهن، ان کي چٽڪي دار رلين ۽ ڀرت سان ڀريل وهاڻن سان سينگاري، زائرين جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ويڙهي ۾ شاھہ لطيف جي دور جي هڪ تمام پراڻي مسجد جا آثار بہ ملن ٿا ۽ سرن پچائڻ جي هڪ بٺي پڻ آهي. آفتاب فقير جوڻي ۽ ٻين مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اها اُهائي بٺي آهي، جنهن مان شاھہ لطيف سرون پچارائي ڀٽ شاھہ واري تخت گاھہ حويلي ۽ سيد حبيب شاھہ جي روضي جي اڏاوت ڪرائي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو