شاهه جو ڪوٽيڙو

شاهه جو ڪوٽيڙو

شاھہ جو ڪوٽيڙو

شاھہ جو ڪوٽيڙو (ماڳ): هيءُ ماڳ تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ کجور جي ماڳ کان ست ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف بارڻ نئن جي اوڀر ۾ نئن جي کاٻي ڪناري تي موجود آهي. هيءُ پاهڻي ڌاتو دور جو ماڳ ليکيو وڃي ٿو. هي ماڳ مخروطي شڪل جو آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ چشمو لنگهي ٿو، جيڪو هوٿياڻي جبل کان نڪري ٿو. کجور ۽ ٿاڻي عارب جي وچ تي ۽ رستي جي اوڀر ۾ اٽڪل اٺ فوٽ اتاهون دڙو آهي. هتان پٿر جا پتا، ڀتين جون پيڙهيون ۽ گول لسا پٿر مليا آهن. هتي ٻہ تجرباتي کوٽايُون ڪيون ويون آهن، جن مان مليل ٺڪراٺو ڳاڙهي تي ڪارو سنڌو تھذيب جو سڃاتل اهڃاڻ مليو آهي. هتان ٽامي جي چوڙين جا ٽڪرا، ڇيڻي ۽ ٻاڻ جو ڦر، ونڌيل ٺڪر، سنڱ جي کوپي جا چوڙا، ٺڪر جا رانديڪا، ٺڪر جون ڳنايون، ٿالهيون وغيرہ مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو