شاھہ جي قُبي (مسجد): شاھہ لطيف سان تعلق رکندڙ هي تڪيو، ڀٽ شاھہ کان پراڻا هالا ۽ خداآباد ڏانهن ويندي ڪيهر لنجواڻي روڊ تي، ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھہ طرف موجود آهي. هتي هڪ تمام جهوني مسجد ۽ پراڻو کوھہ موجود آهن. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اهي ٻئي شاھہ لطيف پاڻ تعمير ڪرايا هئا. شاھہ لطيف جو اهو کوھہ، ست پُرھہ اونهو آهي. شاھہ لطيف جي ٺهرايل اها مسجد ۽ کوھہ اڄ بہ ڦٽل حالت ۾ اتي موجود آهن.
انهيءَ ماڳ تي هڪ نئين قبر بہ آهي، جيڪا ڏتي فقير جي آهي، جيڪو 2009ع ۾ وفات ڪري ويو هو. ڏتي فقير، انهيءَ ماڳ جي ڪيترن ئي سالن کان ڏاڍي خدمت ڪئي، ۽ سار سنڀال لڌي.
انهي ماڳ لاءِ اهو عام آهي تہ شاھہ لطيف انهيءَ جڳھہ کي ڀٽ شاھہ ۽ هالا جي حد مقرر ڪئي هئي. شاھہ لطيف ڪجهہ وقت هتي رهي، فقيرن سان ڪچهريون ۽ راڳ ويراڳ جون محفلون بہ ڪيون.