شاھہ جي وسي

شاھہ جي وسي: ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنھنجي ڪتاب ‘تاريخ نصرپور’ ۾ لکي ٿو ته، “نصرپور شھر ۾ جڏهن سيد عبدالرزاق شاھہ رضوي آيو تہ هُو ساڱري درياھہ جي چاڙھہ جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ ٻَڌي ويٺو، جنهن ڳوٺ کي ‘شاھہ جي وسي’ ڪري سڏيندا هئا. سيد عبدالرزاق شاھہ وڏي پدويءَ وارو بزرگ هو ۽ مهمان نوازيءَ ۾ تمام گهڻو مشھور هو. چوڻ ٿا تہ انهيءَ زماني ۾، جڏهن فيروز شاھہ تغلق پهريون دفعو هن وسنديءَ وٽان اچي لنگهيو هو ۽ ٺٽي پئي ويو، تہ ان وقت سيد عبدالرزاق فيروز شاھہ جي دعوت ڪئي. ان واقعي کانپوءِ سيد عبدالرزاق وفات ڪري ويو. فيروز تغلق جڏهن ٻيو دفعو سنڌ ۾ آيو تہ هن پنھنجي ڪارندي نصر خان کي شاھہ جي وسيءَ جي ڀرسان ساڱري جي ڪپ تي هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو. قلعو تعمير ٿيڻ کانپوءِ هي شھر آباد ٿيو ۽ نصر خان جي نالي سان هي شھر ‘نصرپور’ سڏجڻ لڳو.”


لفظ شاھہ جي وسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو