شاهه جا سَر مور (ڪتاب)

شاهه جا سَر مور (ڪتاب)

شاهه جا سَر مور (ڪتاب)

شاهه جا سَر مور (ڪتاب)

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار (ڪتاب)

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار (ڪتاب)

شاھہ جي ڪلام ۾ مختلف ڪردارن جو ذڪر

شاھہ جي ڪلام ۾ مختلف ڪردارن جو ذڪر
شاھہ جا سَر مور (ڪتاب): هي ڪتاب هندستان جي ناليواري اديب ۽ محقق منوهر مٽلاڻيءَ جو بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ شاھہ لطيف تي ايم. فل لاءِ لکيل مقالو آهي، جنهن ۾ سندس رهنما (guide) پروفيسر ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي هو. منوهر مٽلاڻيءَ هي مقالو 1989ع ۾ لکي، يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن: (1) شاھہ جي شاعري، (2) شاھہ جو سير ۽ سفر، (3) شاھہ جون سر مور سورميون، (4) شاھہ جا سر مور سورما، ۽ (5) شاھہ جو پيغام.
ڪتاب جا ٻہ لفظ لطيف شناس پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيا آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي مرليڌر جيٽلي جو ليکڪ بابت رايو ڏنو ويو آهي. شاھہ جي سورمن جي حوالي سان محقق جي هيءَ تحقيق نهايت ئي ڪارائتي آهي.
230 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، منوهر مٽلاڻيءَ 1991ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي. سنڌ ۾ هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 1992ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.
ست سورهيه ڏھہ ڏاتار (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آيل تاريخي ڪردارن جي تحقيق تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب ۽ محقق معمور يوسفاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ جي رسالي جي تاريخي ڪردارن تي روشني وجهڻ سان گڏ ڪردارن جو تعارف پڻ ويو آهي تہ ڪهڙو ڪردار ڪهڙي دور سان واسطو رکي ٿو. ڪتاب جي نوٽ ۾ حوالا ۽ اضافي معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب
ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرئين حصي ۾ ست سورهيه شامل آهن:
(1) ڪارائڙو ڪونڌر، (2) راوت رڻمل، (3) پنرو بڊاماڻي، (4) رڻمل جاڙيجو، (5) ڄام مھڙ نوتيار، (6) ڄام اوڍر سمون، (7) ابڙو اڙٻنگ.
ٻئي حصي ۾ ڏاھہ ڏاتار: (1) ڄام ڪرن، (2) ابڙو اگهام،
(3) ڄام راهو، (4) ڏياچ ويراڻي، (5) ڄام سپڙ چوٽاڻي، (6) ڄام جکرو اڍاڻي، (7) شانور ڀٽي، (8) ڄام انڙ، (9) ڄام جکرو گهڙ راءِ، (10) لاکو ڦلاڻي شامل آهن.
96 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 1999ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن جي قيمت 36 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ جو پي.ايڇ.ڊي مقالو آهي. جنهن ۾ هن شاھہ جي ڪلام ۾ مرد ڪردارن تي تحقيق ڪري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل چار باب آهن، جن ۾: انسان جو ارتقا، سنڌي شاعريءَ ۾ مرد جو ڪردار، شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار، شاھہ جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مرد جي نفسيات جو مطالعو. هن تحقيقي مقالي لکڻ وقت شاھہ جي مختلف رسالن، قلمي نسخن ۽ مختلف عالمن جي ڪتابن جي مدد وٺي مقالو لکيو ويو آهي ۽ آخر ۾ نتيجا ڪڍي ببليوگرافي ۽ حوالا شامل ڪيا ويا آهن. 448 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو