شاھہ جھانگير هاشمي: هن فارسي شاعر جو همعصر اديب مير معصوم بکري آهي. پاڻ لکي ٿو ته، شاھہ طيب هرويءَ جي اولاد مان بليغ ۽ شيرين شاعر هو. مرزا شاھہ حسن ارغون جي دور ۾ خراسان کان اچي سنڌ ۾ رهيو. شعر جي فن ۾ لاثاني هو. تحفة الاحرار جي جواب ۾ ‘مظهرالآثار’ سندس طبع جو نتيجو آهي. سندس شاعريءَ جو ديوان بہ آهي. سن 946ھہ (1539ع) جي وچ ڌاري ڪيچ ۽ مڪران جي رستي کان حجاز جي سفر جو ارادو ڪيائين، ۽ رستي ۾ ڦورن جي هٿان شھيد ٿي ويو (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 247). مير علي شير قانع ٺٽوي ‘تحفة الڪرام’ ۾ لڳ ڀڳ، شاھہ جھانگير جي بيان ۾ مٿيون احوال ورجايو آهي. البت هن شاعر کي بکر جي مشاهيرن ۾ شامل ڪيو اٿس (سنڌي، ص 317). مير علي شير قانع هڪ ٻئي ڪتاب ۾ سندس نسب بابت لکي ٿو ته، والد جي نسبت سان هن جو سلسلو شاھہ قاسم انوار ۽ سندس ماءُ شاھہ نعمت ﷲ جي اولاد مان هئي. ديوان کان سواءِ ٻہ مثنويون، تحفة الاحرار جي جواب ۾ مظهر الآثار، ۽ مخزن الاسرار جي جواب ۾، مظهر الانوار، ۽ شعر جو هڪ ‘ديوان’ سندس يادگار آهن. (مقالات الشعراء، ص 847- 849). مظهرالانوار بابت ڪو بہ پتو نہ آهي. البت ‘مثنوي مظهرالآثار’ (فارسي)، سيد حسام الدين راشدي ايڊٽ ڪري، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1957ع ۾ ڇپرائي. ڪتاب ۾ شاھہ جھانگير جي تصوير بہ ڏني وئي آهي. مولانا وفائي بہ هن عنوان تي قلم کنيو آهي. پر هن جا ماخذ بہ اهي ئي آهن، جي مٿي بيان ڪيا ويا آهن (تذڪره مشاهير سنڌ، ڀاڱو ٻيو، ص 84- 86). ياد رهي تہ مثنوي مظهرالآثار نظامي گنجويءَ جي تحفة الاحرار جي جواب ۾ لکي وئي.