شاھہ حبيب: (شاھہ لطيف جو والد)شاھہ حبيب پنھنجي وقت جو ڪامل بزرگ ۽ وڏي مرتبي ۽ شان وارو، زماني جو قطب، ولايت جي سڀني صفتن سان سينگاريل ۽ سلوڪ جو سچو سرواڻ هو، سنڌ جي سرتاج شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو والد هو. شاھہ حبيب جي ولادت جو تاريخ ۾ ڪٿي بہ ڪو پتو نہ ٿو پوي. انهيءَ ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ شاھہ حبيب هڪ روحاني شخص ۽ طريقت جو صاحب هو، ڪيترائي ماڻهو سندس صحبت مان رتا ۽ فيض حاصل ڪيائون. هرات جي هڪ سيد گهراڻي جي سَرڪَردي سيد علي هراتيءَ جي پٽ سيد حيدر جي اولاد جي هڪ شاخ، سنڌ ۾ متعلوي يا مٽياروي سيدن جي نالي سان مشھور آهي، جنهن مان جڳ مشھور شاعر ۽ عارف شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو پيدا ٿيو، جنهن جو تڙپوٽو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي هو. شاھہ حبيب، شاھہ ڪريم جو پڙپوٽو هو.
شاھہ حبيب جو شجرو هن ريت آهي: شاھہ حبيب پٽ سيد عبدالقدوس پٽ جمال شاھہ پٽ شاھہ عبدالڪريم پٽ سيد لعل محمد شاھہ پٽ عبدالمومن شاھہ پٽ سيد هاشم پٽ سيد حاجي پٽ سيد جلال محمد جڙار شاھہ پٽ سيد شرف الدين پٽ سيد مير علي پٽ حيدر پٽ علي پٽ محمد پٽ حسين پٽ علي پٽ يوسف پٽ حسين پٽ ابراهيم پٽ علي الجواري پٽ حسين الاڪبري پٽ جعفر ثاني پٽ امام موسى ڪاظمؑ پٽ امام جعفر صادقؑ پٽ امام محمد باقرؑ پٽ امام زين العابدينؑ پٽ امام حسينؑ پٽ امام علي ابن ابي طالبؑ پٽ عبدالمطلب پٽ هاشم.حبيب ﷲ شاھہ (شاھہ حبيب) جو ڏاڏو جمال شاھہ پنھنجي والد شاھہ ڪريم جي وقت ۾ مٽياريءَ ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن ۾ هو تہ ڪن ڌاڙيلن ڪنهن مائيءَ جي مال تي ڌاڙو هنيو ۽ جڏهن جمال شاھہ ڌاڙيلن جي پويان واهرو ٿي ويو تہ ڌاڙيلن کيس شھيد ڪري ڇڏيو، جمال شاھہ کي ‘گولي پير جي مقام’ ۾ دفن ڪيو ويو. هي قبرستان شھدادپور تعلقي جي ديھہ ۽ تپي ‘جما’ ۾، ڀٽ شاھہ کان 9 ميل کن اتر طرف آهي. سندس شهادت کانپوءِ سندس ٻار ٻچا بلڙيءَ (سيدپور) ۾ وڃي پنھنجي ڏاڏي شاھہ ڪريم وٽ رهيا. جمال شاھہ کي عبدالقدوس نالي پٽ هو، جيڪو پنھنجي وقت جو عابد ۽ درويش هو، هن بلڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. عبدالقدوس کي ٻہ پٽ هئا. هڪ حبيب ﷲ شاھہ (شاھہ حبيب) ۽ ٻيو عبدالرشيد شاھہ. هنن ٻنهيءَ کي اولاد ٿيو. دينداريءَ درويشيءَ جي ورڇ شاھہ حبيب کي ملي. شاھہ عبدالڪريم کان پوءِ جملي ‘ڪريم پوٽن’ ۾ شاھہ حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو ۽ سندس اعلى اخلاق، فيض ۽ فقيريءَ جو خاص طرح سندس پٽ شاھہ عبداللطيف تي گهرو اثر پيو.
ڪريم پوٽن مان شاھہ حبيب ئي صرف شاعر ٿيو، جنهن ڪجهہ بيت چيا، جيڪي ‘شاھہ جي رسالي’ ۾ شامل آهن. شاھہ حبيب جي عارفانہ شاعريءَ جو شاھہ لطيف تي بہ اثر پيو. روايت آهي تہ هڪ دفعي شاھہ لطيف ڪيترا ڏينهن گهر نہ آيو. جنهن تي شاھہ حبيب پريشان ٿي کيس ڳولڻ لاءِ نڪتو. ڳولا ڪندي هن شاھہ لطيف کي واريءَ جي هڪ ڀٽ ۾ ليٽيل ڏٺو. سندس سمورو جسم واريءَ سان ڍڪيل هو. صرف ٻانهن ئي نظر اچي رهي هئي. جنهن تي شاھہ حبيب بيت جي هيٺين سٽ چئي:
‘لڳي لڳي واءَ، ويا انگـڙا لٽجي’
شاھہ لطيف واريءَ اندران جواب ڏيندي چيو تہ:
‘پئي کـڻي پَساھہ، پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي’
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ شاھہ حبيب شاعريءَ سان شغل رکندو هو.
شاھہ حبيب پنھنجي والد جي حياتيءَ ۾ يا سندس وفات کان پوءِ ڪجهہ عرصو اچي مٽياريءَ ۾ رهيو هو. ڪن روايتن مطابق شاھہ حبيب هڪ شادي پنهنجن مائٽن مان ڪئي ۽ ٻيءَ شادي ٻاهران ڏيرن مان ڪئي. شاھہ صاحب کي ٻي گهر واريءَ مان ٽي فرزند ٿيا، جن مان فقط شاھہ عبداللطيف ڀٽائي باقي بچيو. پهرين گهر واريءَ مان ڪن حوالن مطابق کيس جمال شاھہ نالي فرزند ٿيو ۽ ڪن حوالن موجب جمال شاھہ ۽ مصري شاھہ نالي ٻہ فرزند ٿيا. پٽن کان سواءِ شاھہ حبيب کي ‘بيبي بتول’ نالي هڪ نياڻي بہ هئي، جيڪا شاھہ عبداللطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. مير عبدالحسين سانگيءَ ڪتاب ‘لطائف لطيفي’ ۾ لکيو آهي ته، “شاھہ حبيب کي ٻہ نياڻيون هيون، پر اها پڪ نہ آهي تہ اهي ڪهڙيءَ
گهر واريءَ مان هيون، پر ٻنهي جي شادي شاھہ حبيب جي زندگيءَ
۾ ٿي.”
شاھہ حبيب پنھنجي والد جي زندگيءَ ۾ ئي ڪجهہ وقت لاءِ مٽياري شھر ۾ رهيو، پر بعد ۾ مٽيارين جي درويش سخي هاشم شاھہ جي چوڻ تي ‘سئي قندر’ جي رهاڪو عرس فقير ڏيري جي نياڻيءَ سان نڪاح ڪيائين ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين، جتي شاھہ حبيب کي اولاد ٿيو. جڏهن شاھہ عبداللطيف ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو تہ سندن نانو عرس فقير ڏيرو وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ ان راڄ ۾ شاھہ حبيب گهڻو نہ ترسيو ۽ پنھنجي معتقد، ڪوٽڙيءَ مغل جي رئيس مرزا بيگ مغل جي اسرار تي سندس ڳوٺ ڪوٽڙي مغل، جيڪا سئي قندر کان اٺ، نو ميل پري اولھہ، ڏکڻ طرف ۾ واقع هئي، لڏي وڃي رهائش اختيار ڪئي. ‘لطائف لطيفيءَ’ ۾ سانگي لکي ٿو ته، “شاھہ حبيب ڪوٽڙي مغل شھر لڳ ٻاهران پنهنجو گهر ڪيو.” شاھہ حبيب جي جوڙيل اُن لانڍيءَ جا ٽٽل ڦٽل آثار اڃا موجود آهن.
شاھہ حبيب بابت اهو پڻ مشھور آهي تہ سندس دعا ۾ وڏو اثر هو، امير توڙي غريب وٽس حاجتون کڻي ايندا هئا ۽ شاھہ حبيب انهن لاءِ خدا جي بارگاھہ مان دعا گهري، سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندو هو. مير عبدالحسين سانگي پنھنجي ڪتاب ‘لطائف لطيفي’ ۾ لکي ٿو ته، “ڪوٽڙي وارو مرزا بيگ مغل، شاھہ حبيب جو خاص مريد هو ۽ اڪثر کيس دعا لاءِ پنھنجي گهر وٺي ويندو هو. هڪ دفعي مرزا جي ڌيءُ (سيده/ سعيده بيگم) کي بخار ٿي پيو ۽ ڪنهن دوا جو مٿس اثر نہ پئي ٿيو. آخر مرزا، شاھہ حبيب وٽ آيو ۽ پنھنجي ڌيءُ جو احوال ٻڌائي، شاھہ حبيب کي هلي دعاءِ خير ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين، پر شاھہ حبيب خود ضعيف ۽ بيمار هجڻ ڪري پنھنجي پٽ شاھہ لطيف کي مرزا مغل سان گڏ دعا لاءِ موڪليو. شاھہ لطيف جڏهن مرزا مغل بيگ جي حويليءَ ۾ پهتو تہ مرزا پردي جو انتظام ڪرايو ۽ پردي مان پنھنجي ڌيءُ جو هٿ شاھہ لطيف جي هٿ ۾ ڏئي دعا لاءِ چيائين. شاھہ لطيف ان خاتون جي آڱر هٿ ۾ وٺي چيو:
‘جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لھر نڪي لوڏو.’
اهو ٻڌي مرزا مغل بيگ کي مَٺيان لڳي ۽ روايتن موجب شاھہ لطيف جو دشمن ٿي بيٺو، پر اڳتي هلي سيده / سعيده بيگم سان شاھہ لطيف جي شادي مرزا مغل بيگ جي مرڻ کان پوءِ ٿي، جنهن کي دل قبيلي وارن قتل ڪيو هو. مرزا مغل جي قتل بابت شاھہ لطيف جي فقيرن هي مادہ تاريخ چئي:
‘بود خبيث’ 1124ھہ/1712ع اهو ٻڌي شاھہ لطيف پنھنجي فقيرن کي ايئن چوڻ کان سخت منع ڪئي ۽ في البديھہ هيءَ مادہ تاريخ چئي:
‘يڪ مغل بھہ بوده’1124ھہ/1712ع شاھہ حبيب، شاھہ لطيف کي پنھنجي صحبت ۽ رفاقت ۾ رکي، سڄو توجھہ سندس تربيت تي ڏنو تہ جيئن هو ذهني، اخلاقي ۽ روحاني طرح اعلى درجي کي پهچي. شاھہ حبيب پنھنجي پٽ شاھہ لطيف کي هميشہ پاڻ سان گڏ رکيو ۽ جتي ويو، اتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ کيس ويهاريائين. کيس اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح وڏي ڏاڏي شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مزار تي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو ۽ اتي شاھہ ڪريم جي فقيرن سان ملايائين. ٻئي طرف ميين شاھہ عنات رضويءَ سان خاص طور ملائڻ لاءِ کيس شاهپور نصرپور تائين گهمايائين. جنهن کان شاھہ لطيف متاثر ٿيو ۽ ٻنهي اعليٰ شاعرن، شاعريءَ ۾ هڪ ٻئي جو اثر ورتو. اهڙيءَ طرح جوانيءَ ۾ سالم طبع ۽ ذهين شاھہ لطيف پنھنجي پيءُ شاھہ حبيب سان گڏ انهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجهہ پرايو.
شاھہ حبيب، وقت جو عالم، فاضل ۽ روحاني رمز ڄاڻندڙ هو، سندس سلوڪ جي راھہ ۾ سفر طئي ٿيل نظر اچي ٿو. سندس ڪجهہ شعر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھہ جي رسالي مان جدا ڪري ڏنا آهن، جن مان سندس روحاني منزل ۽ شعري پختگيءَ جا چٽا اُهڃاڻ نظر اچن ٿا. اُهي هيٺينءَ ريت آهن:
آيلِ ٻاروچن جو، رويو پڇان راهُه،
وارِي وسِي واٽ وئي، مٿان موريو گاهُه،
مِروئَن ڪريان منٿون، کِين نہ منهنجو ماهُه،
هيڪِلِين حبيب چئي، ٻيلِي آھہ الله،
سرتيون وڃي ساهُه، تہ ٿيان حوالي هوت جي.
-
پِنبڻيون پيرَ ڪري، پرُ پيراڻي لوءِ،
سيد پير سَڀين پرين، مرشد مِٺو هوءِ،
جي آيا اڳي پوءِ، سي رَسئا حق حبيب چئي.
-
پِنبڻيون پير ڪري، ڪر پناھہ ڏي پنڌ،
نِمَ کٿوري ڪيوڙين، وڻين مُڪو ڳنڌ،
آهم آسا بند، پيراڻي پيزار سين.
-
پِنبڻيون پير ڪري، پر پيراڻي پار،
ڏِٺي جن ڏئار، رهي نہ رتيءَ جيتري.
جڏهن شاھہ حبيب جي فرزند شاھہ لطيف واريءَ جي ڀٽ تي دائمي سڪونت جي تياري ڪري جايون ٺهرائڻ شروع ڪيون. اهڙيءَ ريت ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ تي ويهڻ وارو مرحلو اڃا پورو ٿيو ئي مس هو، جو شاھہ حبيب سخت بيمار ٿي پيو. شاھہ لطيف سڄو ڌيان پنھنجي شفيق والد ۽ مرشد جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خدمت طرف ڪيو، سندس سڀئي فقير بہ شاھہ حبيب جي صحت لاءِ دعا گهرندا رهيا. شاھہ لطيف گهڻو وقت حويليءَ ۾ اندر پنھنجي والد جي خدمت ۾ پئي گذاريو. آخر شاھہ حبيب هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو ۽ شاھہ لطيف حويليءَ مان ٻاهر اچي، سڀني کي ڄاڻ ڏنو. جڏهن سندس فقيرن اڳتي وڌي کانئس حال پڇيو تڏهن جواب ڏنائين:
اوٺي اٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشينِ،
ڪڇن پڇن ڪينڪي، ورندي وات نہ ڏينِ،
لاکيڻا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏينِ،
نيڻ نماڻا کڻيو، هنجهون ٿا هارينِ،
سي جُنگ جواب نہ ڏينِ، ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا.
شاھہ حبيب جي ولادت بابت ڪنهن بہ ڪتاب ۾ ڪا تاريخ يا سن ڄاڻايل نہ آهي. پر اها پڪي پختي روايت موجود آهي تہ شاھہ حبيب جي عرس فقير ڏيري جي نياڻيءَ سان شادي، سخي هاشم شاھہ ڪرائي ۽ ان درويش جي دعا سان ئي شاھہ لطيف ڄائو. سخي هاشم شاھہ پنھنجي وقت جو عالم، فاضل ۽ ﷲ وارو هو. سندس ولادت 12 ربيع الاول 1057 ھہ/ 1647ع ۾ مٽيارن جي موجودہ پيرزادہ محلي۾ واقع وڏي حويلي ۾ ۽ وفات 12 ربيع الاول 1120 ھہ/ 1708ع ۾ اُتي ئي ٿي. هڪ روايت اها بہ موجود آهي تہ شاھہ حبيب، سخي هاشم جي والد سيد آدم شاھہ (ولادت: 27 شعبان 1018 ھہ/ 1609ع - وفات: 3 ربيع الثاني 1090 ھہ/ 1679ع) کان مٽياريءَ جي ربي مسجد ۾ ديني درس بہ ٻڌندو هو ۽ وٽانس ڪجهہ روحاني فيض بہ حاصل ڪيو هئائين. ان حوالي هيٺ شاھہ حبيب کي سخي هاشم شاھہ جو همعصر سمجهي سگهجي ٿو. ان موجب اندازاً سندس پيدائش 65 - 1064 ھہ/ 54 - 1653ع کان 1071ھہ/ 1660ع جي وچ ڌاري ٿي هوندي. ساڳئي وقت حبيب شاھہ جي وفات بابت روايت موجود آهي تہ هن 1144ھہ/1731ع ۾ هيءُ جھان ڇڏيو ۽ شاھہ لطيف پاڻ پنھنجي والد کي ڀٽ تي ان هنڌ دفنايو، جتي هن وقت شاھہ حبيب جي مزار آهي. شاھہ حبيب جي وفات تي هڪ عالم ۽ شاھہ لطيف جي مريد ميان محمد صادق ٺٽويءَ هڪ تاريخي مادہ چيو هو. انهيءَ عربي تاريخي مادہ مان شاھہ حبيب جي وفات جو سن 1144ھہ/1731ع نڪري ٿو:
‘الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب’ 1144ھہ /1731ع
(ترجمو: موت هڪ پـُل آهي، جيڪا هڪ دوست کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي.)
شاھہ حبيب جي وفات 1144ھہ1731ع ۾ ئي ٿي، پر انهيءَ تاريخي مادي کي ڪن مؤرخن وري هن طرح لکيو آهي، جنهن مان وري 1155ھہ/1742ع سن نڪري ٿو، جيڪو درست نہ آهي.
‘الموت جسر يوصل الحبيب الي لقاء الحبيب’
1155ھہ/ 1742ع
مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، مولانا دين محمد وفائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تحقيق بعد شاھہ حبيب جي وفات جو سال 1144ھہ/ 1731ع درست ڄاڻايو آهي.