شاھہ حسن

شاھہ حسن: شاھہ حسن ولد شاھہ وجيھ الدين جي مزار شاھہ جميل جي رانڪ جي پيرانديءَ کان آهي. شاھہ حسن چار پٽ ڇڏيا: (1) شاھہ حسن، (2) شاھہ ڪهور، (3) شاھہ آري، (4) شاھہ لال ڇتو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 620-621). تاريخدانن جو اندازو آهي تہ هن بزرگ جي پيدائش ڇهين صدي هجريءَ جي آهي. روايتن موجب هن ٻہ شاديون ڪيون ۽ اولادي ٿيو. سندس هڪ پٽ اسماعيل شاھہ جو نالو نمايان ڏسجي ٿو. گل حسن ڪلمتي پنھنجي ڪتاب ۾، ٻيٽ هالو تبرڪو تي، بزرگ شاھہ حسن جي مزار جي نشاندهي ڪري ٿو. لکت موجب شاھہ حسن جي وفات 665ھہ/ 1259ع ۾ ٿي. ان وقت سنڌ تي سومرن جي حاڪميت قائم هئي. مقامي روايت آهي تہ هالو تبرڪو، شاھہ حسن جو ڌنار هو. اهو فوت ٿيو تہ کيس هڪ ٻيٽ تي دفن ڪيو ويو ۽ پوءِ ان ٻيٽ تي بہ اهو ئي نالو پئجي ويو. شاھہ حسن جي مزار بہ هن ٻيٽ تي آهي (سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ، ص 156- 157). مير قانع شاھہ حسن جي مزار متعلق لکيو آهي ته، ڪوهستان کان چئن ڪوهن تي هنور جي مٿان آرامي آهي (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 620). مير قانع جي دور ۾ بزرگ جي مدفن جو ماڳ ‘هنور’ مشھور هو. جڏهن تہ صديون گذرڻ کانپوءِ، صورتحال تبديل ٿي آهي. ان پسمنظر ۾ نئين ڄاڻ، اسان کي موجودہ حقيقتن کان واقف ڪري ٿي.


لفظ شاھہ حسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو