شاھہ حسن مرزا ارغون

شاھہ حسن مرزا، ارغون: سنڌ ۾ ارغون گهراڻي جو ٻيو حاڪم مرزا شاھہ حسن بيگ ارغون ٿي گذريو. پاڻ 22 شعبان المعظم930ھہ/ 25 جون 1524ع تي ارغون گهراڻي جي پهرئين بادشاھہ مرزا شاھہ بيگ ارغون جي وفات کان پوءِ نصرپور ۾ تخت نشين ٿيو. هن سنڌ تي چوٽيھہ سال حڪومت ڪئي. ننڍپڻ کان وٺي بيماريءَ جي وقت تائين هر ميدان ڪارزار ۾ فتحمند ٿيندو رهيو ۽ لڙاين ۾ جوهر ڏيکاريائين. شاھہ بيگ مرزا جڏهن ڪابل ۽ قنڌار جو بادشاھہ هو ۽ بابر، قنڌار جي قلعي جي سامهون اچي ٿيو، تڏهن شاھہ حسن ارغون پنھنجي پيءُ شاھہ بيگ ارغون کان ناراض ٿي، وڃي بابر جي ملازمت اختيار ڪئي ۽ ٻہ سال بابر جي درٻار ۾ رهيو. بابر بادشاھہ اڪثر چوندو هو تہ شاھہ حسن اسان وٽ نوڪري ڪرڻ نہ آيو آهي، بلڪ اسان کان حڪومتي دستور ۽ بادشاهي قانون سکڻ آيو آهي ۽ آخر ٻن سالن کان پوءِ شاھہ حسن، بابر کان اجازت وٺي قنڌار روانو ٿيو. مرزا شاھہ حسن ٻہ شاديون ڪيون، پهرين شادي پنھنجي چاچي مرزا محمد مقيم (متوفي 914ھہ/ 1508ع) جي ڌيءُ ماھہ بيگم سان ڪيائين، جيڪا سندس سڳي سؤٽ هئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي چوچڪ بيگم نالي ٿي، جنهن جي شادي مرزا ڪامران سان ٿي. مرزا شاھہ حسن جي نڪاح ۾ ٻي زال مير خليفي جي نياڻي محب علي خان جي ڀيڻ گلبرگ بيگم هئي. پر ٻنهي جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ ڪري ٻہ سال گذرڻ کان پوءِ طلاق ٿي وئي. جنهن کانپوءِ گلبرگ بيگم همايون بادشاھہ سان شادي ڪئي ۽ آخري دم تائين همايون سان گڏ رهي. گلبرگ بيگم جي قبر دهليءَ ۾ آهي.
مرزا شاھہ حسن ارغون تخت تي ويهڻ شرط ڄام فيروز کي شڪست ڏئي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو، جنهن کي گجرات ۾ همايون بادشاھہ جي فوج قتل ڪري ڇڏيو. 931ھہ/ 1524ع ۾ شاھہ حسن ارغون ملتان فتح ڪيو ۽ بعد ۾ اُچ جي قلعي کي بہ فتح ڪيائين. همايون بادشاھہ ڪافي عرصو اچي سنڌ ۾ رهيو. مرزا شاھہ حسن ارغون 896ھہ/1491ع ۾ ڄائو. 66 سالن جي زندگيءَ مان 34 سال حڪومت ڪري 12 ربيع الاول 962ھہ/ 1555ع تي وفات ڪيائين. سندس لاش ٺٽي ۾ درياھہ جي ڪناري تي مير احمد وليءَ جي حويليءَ ۾ امانت طور دفنايو ويو، جتان ٽن مهينن گذرڻ کانپوءِ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي هڪ عمارت تعمير ڪرائي اتي دفن ڪيو ويو. جتان وري ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ کڻائي وڃي مڪي معظمه ۾ سندس پيءُ شاھہ بيگ ارغون جي ڀرسان اتر طرف کان دفن ڪيو ويو. سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن قطعه تاريخون چيون جن مان قاسم ڪاهي هيٺين تاريخ چئي آهي:
چون شاھہ حسن بادشھِ ارغوني،
زين بحر بر آمد چو، در مکنوني،
تاريخ وفاتش زخرد جستم، گفت:
دردا کھ، برون رفت ‘شه ارغوني’.
962 = 305 - 1267
ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ جي ٽين چوٿائي جي شروع ۾ ترڪي ٻيڙي جو اميرالبحر سيدي علي رئيس سنڌ ۽ هند ۾ پهتو، تڏهن شاھہ حسن ارغون جي اوج جو ستارو غروب ٿي چڪو هو. علي رئيس، ماھہ بيگم تي الزام هنيو آهي تہ هن پنھنجي مڙس شاھہ حسن ارغون کي زهر ڏنو هو ۽ عدت گذرڻ کانپوءِ ترت ميرزا عيسيٰ ترخان سان نڪاح ڪيائين. علي رئيس، شاھہ حسن ارغون جي وفات جي تاريخ 9 جمادي الاول 962ھہ/ پهرين اپريل 1555ع بروز سومر ٻڌائي ٿو، جيڪا گهڻي ڀاڱي درست آهي.
شاھہ حسن ارغون فارسي ٻوليءَ جو نهايت اعليٰ شاعر هو. هن کي جيڪا شجاعت ۽ بهادري سان مناسبت هئي، انهي ڪري هن پنهنجو تخلص ’سپاهي‘ رکيو. هن سنڌي ماڻهن سان جيڪي ظلم ڪيا، اهي مير معصوم ’تاريخ معصومي‘ ۾ تفصيل سان بيان ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو