شاھہ حسين تڪدري: هيءَ سنڌ جي ٻئي ارغون حاڪم مرزا شاھہ حسن بيگ ارغون جي خاص اميرن مان هو. جڏهن شاھہ حسن ارغون ڪڇ جي حاڪم راءِ کنگهار تي ڪاھہ ڪئي تہ فوج کي چئن دستن ۾ مقرر ڪيائين، هڪ دستي ۾ شاھہ حسين تڪدري، ٻئي جو سلطان محمود ڪوڪلتاش، ٽئين جو مرزا عيسى بيگ ترخان ۽ چوٿين جو سپھہ سالار مير فرخ کي مقرر ڪيائين. انهيءَ جنگ ۾ شاھہ حسن ارغون کي فتح حاصل ٿي. شاھہ حسين تڪدري جنگي فن جو ماهر هو ۽ وڙهڻ وقت دشمن کي وار ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏيندو هو. سندس انهيءَ خوبيءَ سبب شاھہ حسن ارغون کيس پنهنجو خاص مقرب امير مقرر ڪيو. جنگي فن کانسواءِ هو بھترين عالم، فاضل ۽ تاريخدان هو. مير معصوم ‘تاريخ معصومي ’ ۽ مير قانع ‘تحفة الڪرام’ ۾ ‘روضة السلاطين’ ڪتاب هن ڏي منسوب ڪيو آهي، جو درست ڪونهي. حقيقت ۾ تذڪره ‘روضة السلاطين’ فخري هروي لکي تيار ڪيو. هي تذڪرو سيد حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1968ع ۾ شايع ڪيو آهي.