
شاهه حسين جو مقبرو
شاھہ حسين جو مقبرو: هيءَ درگاھہ پريالوءِ، تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. درگاھہ جو مقبرو ڳچ گاري ۽ ڪچين سرن سان تعمير ڪيل آهي، جنهن تي پيڙھہ ۾ سائو ۽ باقي سفيد رنگ ٿيل ڏسجي ٿو. شاھہ حسين لاءِ روايت آهي تہ هيءُ بزرگ قلندر لعل شھباز جو سؤٽ هو. مستند تاريخي حوالي طور اهڙي معلومات جيتوڻيڪ ڪو نہ ٿي ملي، مقبرو هڪ ڀيرو مسمار ٿيو، جنهن بعد ان جي هاڻوڪي عمارت پوءِ جي تعمير ڪيل آهي. هن وقت درگاھہ جي چؤگرد آباديءَ ٿي وئي آهي، درگاھہ جي قبي جي اڳ توڙي پاسن ۾ آڳنڌ آهي، جڏهن تہ قبي جي چؤڦير ديوار جو احاطو پڻ ڏنو ويو آهي. مقبرو عام ڪمري جي طرز تي مستطيل چوڪور آهي، جنهن تي گنبذ وغيرہ ڪونهي، باقي پوئين حصي ۾ واقع حجري تي وڏو ڪوڻيءَ جو ابتو گل رکيو ويو آهي. مقبري جون ديوارون لسيون، رنگ ڪيل آهن، جن ۾ مهاڙي توڙي پاسي کان ونگائي درن ۾ چوڪاٺي سان دروازا لڳايا ويا آهن. مهاڙيءَ واري دروازي جي ٻنهي پاسن کان دريون آهن. چئني ڪنڊن تي ننڍڙيون برجيون ۽ انهن تي نيلون رکيل آهن. مقبري جي ڀر ۾ حجرو تعمير ڪيل آهي. جڏهن تہ ڏکڻ طرف کان چئن ٿنڀن تي هڪ کليل ڪوٺي آهي، جنهن ۾ ڪجهہ قبرون آهن.