
شاهه حسين ماڌو لال
شاھہ حسين ماڌو لال: پنجاب جو ناميارو شاعر ۽ بزرگ، شاھہ حسين ماڌو لال، 945ھہ/ 39-1538ع ڌاري لاهور ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان جو ڪلسرائي نالي هڪ فرد فيروز شاھہ تغلق جي دور ۾ مسلمان ٿيو. شاھہ حسين جي پيءُ جو نالو شيخ عثمان هو، جيڪو ذات جو ڍڍ راجپوت هو. شاھہ حسين کي ڏهن سالن جي عمر ۾ حافظ ابو بڪر وٽ قرآن ڪريم جي درس لاءِ وِهاريو ويو. ساڳئي سال هن نامور عالم شيخ بھلول جي هٿ تي بيعت ڪئي. شيخ سعدالله لاهوريءَ وٽان ڪجهہ علمن جي تعليم ورتائين. سندس تعلق ملامتيه طريقي سان هو. داراشڪوه کيس ملامتين جو استاد سڏيو آهي. ڇويهن سالن جي عمر ۾ پنھنجي استاد کان تفسير جو سبق پئي ورتائين تہ سندس استاد هڪ آيت تي پهتو، جنهن تي شاھہ حسين، پنھنجي استاد کي ان آيت جي تشريح ڪرڻ لاءِ چيو. سندس استاد دنيا جي حقيقت کولي بيان ڪري ٻڌائي، جيڪا ٻڌڻ بعد مٿس وجداني ڪيفيت طاري ٿي وئي، جنهن بعد هن ملامتي طريقو اختيار ڪيو. ڪن محققن جو خيال آهي تہ شاھہ حسين، پنھنجي استاد شيخ سعدالله جي نظريي کان متاثر ٿيو هوندو، جيڪو پڻ ملامتي طريقي جو پيروڪار هو. سندس مرشد شيخ بھلول کي شاھہ حسين جي مجذوب ٿيڻ جي خبر پئي تہ هو پاڻ پنھنجي شھر مان شاھہ حسين جي اصلاح ڪرڻ لاءِ لاهور هلي آيو. وجداني ڪيفيت ۾ رڱجڻ بعد هيءُ ساز کڻي بازارن ۾ رقص ڪرڻ لڳو. هڪ روايت موجب شيخ الاسلام عبدالله سلطانپوريءَ کيس ان حالت ۾ ڏسي سزا ڏيڻ چاهي، پر سندس دليلن کان متاثر ٿي ڇڏي ڏنائين. ‘حقيقت الفقراء’ ۾ پير محمد جي تحرير موجب عبدالرحيم خان خانان ٺٽي تي حملي آور ٿيڻ لاءِ سنڌ رواني ٿيڻ کان اڳ دعا لاءِ شاھہ حسين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هو.
هن بزرگ جا بي شمار معتقد هئا، جن مان سورنهن (16) سندس خليفا ٿيا، جن مان چئن خليفن جو خطاب ‘غريب’، چئن جو ‘ديوان’، چئن جو ‘خاڪي’ ۽ چئن جو ‘بلاول’ هو. سندس محبوب مريد ۽ جانشين ميان ماڌو هو، جنهن جو تعلق برهمڻ گهراڻي سان هو. چون ٿا تہ شاھہ حسين جي صحبت ۾ رهي، هن اسلام قبول بہ ڪيو هو. هن کي ماڌو لال سان ايتري رغبت ۽ محبت هئي، جو سندس نانءُ پٺيان پنهنجو نالو ‘شاھہ حسين ماڌو لال’ سڏرائڻ لڳو.
شاھہ حسين، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام حق ۽ تصوف جي رمزن تي ٻڌل آهي. سندس شاعري ‘ڪافي’ جي صنف تائين محدود آهي. هيءُ هڪ عالم ۽ شاعري جي فن تي دسترس رکندڙ هو. تصوف کانسواءِ شاھہ حسين جي ڪافين جا اهم موضوع ‘خدا ۽ انسان’، ‘انسان ۽ انسان’، ‘راھہ سلوڪ جون مشڪلاتون’، ‘فقر ۽ فنا’، ‘دنيا کي تياڳڻ’ ۽ ‘سٺن عملن جو تسلسل’ آهن، جنهن جو درس هن ‘گهوم چرخڙا’ جي استعاري ۾ ڏنو آهي.
شاھہ حسين، پنجابيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن شاعريءَ ۾ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ وانگر عورت کي ‘عاشق’ ۽ مرد کي ‘معشوق/ محبوب’ جو مقام ڏنو آهي. عورت جي زباني عاشقاڻا جذبا پڻ بيان ڪيا آهن، جنهن سان هڪ نئين روايت قائم ٿي ۽ ان انداز پنجابي شاعريءَ کي وڌيڪ حساس ۽ مؤثر بڻائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي، جو کانئس پوءِ جي پنجابي شاعرن بہ ان روايت جي پيروي ڪئي، جنهن سان شاھہ حسين جي انفراديت ۾ اڃا اضافو ٿيو. هن عورتاڻي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ جن علامتن کي صوفياڻن جذبن جي اظهار لاءِ اختيار ڪيو، تن ۾: ساهرا (اڳيون جھان)، اڱڻ (دل)، ڏاج (عمل، آخرت جو سامان)، ڏولي (آخرت جي سفر جي تياري)، پيءُ (بابل) جو گهر (دنيا)، هير (عاشق)، رانجهو (محبوب)، سکيون (ارمان)، رات (عمر، زندگي) وغيرہ شامل آهن.
شاھہ حسين جي ڪافين جو بنياد مختلف راڳڻين تي رکيل آهي. ڪيتريون ڪافيون ڀيرويءَ جي انگ ۾ پيش ڪيون ويون آهن تہ ڪي وري آسا، ڀيرو، اساوري، يوڳ وهاڳ، جئہ جئہ ونتي، بلاول ۽ کماچ وغيرہ جهڙين راڳڻين ۾ پيش ڪيل آهن، جن مان اندازو ٿئي ٿو تہ کيس موسيقيءَ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي ۽ ڪافيءَ، موسيقيءَ واري آهنگ سان گڏجي سندس شاعريءَ ۾ سوز ۽ گداز کي جنم ڏنو. سندس زبان لاهور ۾ مروج پنجابي زبان کان ڪي قدر مختلف رهي آهي، جنهن جو سبب سندس زبان تي پوٺوهار ۽ لهندي (اولھہ پنجاب جي ٻولي) جو نمايان اثر هو، جنهن جو مکيہ ڪارڻ مغل دور هو. ان عرصي دوران پوٺوهار ۽ اولھہ پنجاب جا ماڻهو واپار جي سلسلي ۾ اڪثر لاهور اچي قيام ڪندا هئا، جنهن سان مختلف ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر پوندو هو، تنهنڪري شاھہ حسين پڻ ٻين ٻولين جو اثر قبوليو ۽ انهن ٻولين مان ڪيترا لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندا. اهڙي اثر قبولڻ جو هڪ سبب هيءُ بہ چئي سگهجي ٿو تہ پاڻ چنيوٽ ۾ رهندڙ بھلول دريائيءَ جو مريد هو. چنيوٽ، سرگوڌا ۽ جهنگ جي ويجهو آهي. مرشد سان دلي رغبت هئڻ ڪري شاھہ حسين جو بہ چنيوٽ سان جذباتي تعلق رهيو. ان ڪري اڪثر چنيوٽ ويندو هو. اهڙيءَ ريت سرگوڌا ۽ جهنگ جي پنجابيءَ جا ڪجهہ مخصوص لفظ بہ شاھہ حسين جي شاعريءَ جو جزو بڻجي ويا. هن وقت تائين محققن کي شاھہ حسين جي ڪافين جو اهڙو ڪو بہ نسخو هٿ نہ اچي سگهيو آهي، جيڪو سندس ڪنهن همعصر ترتيب ڏنو هجي، البته موهن سنگهہ ديواني پنھنجي مرتب ڪيل مجموعي ‘مڪمل ڪلام شاھہ حسين لاهوري’ ۾ ڪلام حسين جي ماخذن جي سلسلي ۾ ڪجهہ ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جن مان اصل اهميت هڪ گرمکي پستڪ کي ڏني وئي آهي. اهو پستڪ هڪ نامعلوم سنڌي مؤلف ترتيب ڏنو، جنهن ۾ شاھہ حسين سميت ڪيترن هندو، سک ۽ مسلمان فقيرن، صوفين ۽ جوڳين جو ڪلام راڳن جي ترتيب سان گڏ ڪيو ويو. موهن سنگهہ جي چوڻ موجب ’آخرڪار اهو ڪتاب لاهور پهتو ۽ 1900ع ۾ لاهور پريس مان ڇپجي عام ٿيو. هن ڪتاب ۾ شاھہ حسين جون ڪـُل 138 ڪافيون شامل آهن. ان کان سواءِ ٻين اردو ۽ گرمکيءَ ۾ لکيل ڪتابن ۾ شاھہ حسين جي ڪافين جو تعداد 165 ڄاڻايو ويو آهي. 1979ع ڌاري ڊاڪٽر سيد نذير احمد، شاھہ حسين جي نالي سان، جيڪو ڪتاب ترتيب ڏنو، تنهن ۾ سندس ڪافين جو ڪل تعداد 175 آهي، جن مان 20 ڪافيون ضميمي ۾ ڏنل آهن. شاھہ حسين ماڌو لال جي شخصيت ۽ فن تي اردو، پنجابي ۽ سرائيڪيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ شاھہ حسين جي زندگيءَ ۽ سندس ڪافين تي روشني وڌي وئي آهي. عابدہ پروين جي ڳايل مشھور ڪافي ‘گهوم چرخڙا سئيان دا، تيڏي ڪتڻ والي جيوي’ پڻ شاھہ حسين ماڌولال جي آهي.
هن صوفي منش بزرگ ۽ اعلى پايي جي شاعر پنجونجاھہ (55) سالن جي عمر ۾ 1593ع ڌاري شاهدره ۾ وفات ڪئي، جتي کيس دفن ڪيو ويو. ڪجهہ عرصي بعد راوي درياھہ ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري سندس قبر لڙهي وئي، جنهن بعد ماڌو لال سندس مڙھہ شاهدري مان ڪڍرائي باغبانپور ۾ وڏي اعزاز سان دفن ڪيو. جتي مٿس مقبرو پڻ اڏيل آهي. مهاراجا رنجيت سنگهہ جي دور ۾ شاھہ حسين جي مزار تي بسنت جي ڏينهن ۾ ميلو لڳايو ويندو هو، جيڪو چراغان ۽ شالامار ميلي جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ اڄ سوڌو هر سال شاھہ حسين جي عرس جي موقعي تي ميلو لڳندو آهي ۽ عرس تمام گهڻي عقيدت سان ملهايو ويندو آهي. سندس ڪافيون نصرت فتح علي خان، عابدہ پروين، حميرا چنا، جنون (بينڊ) ۽ مئڊم نورجھان سميت ملڪ جي ڪيترن فنڪارن ڳايون آهن.
سندس ڪافي جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ربا ميري حال دا محرم تون!
اندر تون هي، باهر تون هي، روم روم وچ تون،
تون هي تانا، تون هي بانا، سب ڪڇ ميرا تون،
ڪھي حسين فقير نماڻا، مين ناهين سب تون.