سيد حيدر سنائي جي مزار

سيد حيدر سنائي جي مزار

شاھہ حيدر سنائي سيد

شاھہ حيدر سنائي، سيد : سيد حيدر عليہ رحمة عرف شاھہ حيدر يا ميون حيدر (ميان حيدر) جو تعلق ڪاظمي سيدن جي مٽياري شاخ سان آهي. سندس خاندان امام موسيٰ ڪاظم عليہ الرحمة جي فرزند سيد جعفر ثاني الهواريءَ جي پشت مان آهي، جنهن مان سيد حيدر 801ھہ/ 1398ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ڀرسان اچي ويٺو ۽ اتي کيس هڪ فرزند سيد امير علي ڄائو، جنهن جو خاندان اڳتي هلي مٽياريءَ ۾ اچي ويٺو ۽ اڳتي هلي مٽياروي مشھور ٿيو. سنائي سيدن جو تعلق مٽياري سيدن شاخ جي ميان پوٽي پاڙي مان آهي. روايت آهي تہ شاھہ حيدررح جي ولادت بہ مٽياريءَ ۾ ٿي. سندن ڏاڏو بدرالدين شاھہ ولد سخي ابراهيم شاھہ اڪثر مٽياريءَ کان درياھہ ٽپي کاڻوٺ لڳ ڪوريجن جي ڳوٺ جي ڀرسان ’ٺٽ‘ نالي ڳوٺ ۾ ايندو هو. سندس دوستي ان وقت جي حاڪم ڄام نظام الدين سمي جي وزير نواب درياھہ خان عرف دولھہ دريا خان سان هوندي هئي. ان زماني ۾ چانگ قبيلي جا ماڻهو ڪوٽڙي تعلقي ۾ گهڻا هوندا هئا ۽ اڪثر چوريون ڪري ۽ ڌاڙا هڻي گذارو ڪندا هئا. روايت مطابق سن شھر ۾ بہ اڪثر چانگ هوندا هئا، جن جي ڏوهن ۽ چورين چڪارين حڪومت کي گهڻو پريشان ڪيو هو ۽ ان لاءِ ڄام نظام الدين پنھنجي سپھہ سالار دولھہ درياھہ خان تي ڪم رکيو تہ هو وڃي امن امان قائم ڪرائي. دولھہ دريا خان وري اهو ڪم سيد بدرالدين شاھہ تي رکيو ۽ پنهنجا سپاهي کيس گڏي ڏنائين تہ وڃي ڏوھہ ختم ڪرايو. سيد بدرالدين شاھہ چانگن سان گهڻائي مقابلا ڪيا ۽ نيٺ انهن کي ڀڄائي ساڻن آخرڪار رني ڪوٽ جي ڀر ۾ آخري مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سندس والد سيد سخي ابراهيم شاھہ ۽ ڀاءُ ڌڻي ڏنو شاھہ شھيد ٿي ويا، پر پاڻ چانگن کي ختم ڪيائين، جنهن تي کين ڄام نظام الدين ۽ درياھہ خان معرفت گهوڙي ڊوڙ جاگير ڏني، جنهن مطابق صبح سج اڀرڻ کان لھڻ تائين جيستائين گهوڙو ڊوڙندو، اها سڄي جاگير کيس ڏني ويندي، جيڪا آمريءَ کان وٺي کاڻوٺ تائين ٿي، جنهن کانپوءِ سيد بدرالدين شاھہ سن شھر ۾ ئي رهڻ لڳو. کيس ست فرزند هئا: (1) سيد معروف شاھہ (هن جو اولاد معرفاڻي سيد سڏجي ۽ اڪثر سن ۾ رهن ٿا). (2) سيد جهنڊو شاھہ (لاولد) (3) سيد موج شاھہ (هن جو اولاد موري ۽ ڀرين وارا سيد آهن.) (4) سيد ضياءُ الدين شاھہ عرف جيئو شاھہ (سندس اولاد شاھہ حيدر مان پيدا ٿيل سيد سن ۾ ۽ شاھہ جرار مان پيدا ٿيل سيد ڀاڻوٺ ۾ رهن ٿا.) (5) سيد حاجي شاھہ (هن جو اولاد حاجيحا سڏجن، جيڪي سن، هالا ۽ شھدادپور ۾ رهن ٿا.) (6) سيد داد شاھہ عرف داد شھيد (لاولد) (7) سيد بدر شاھہ (هن جاگير پنهنجن سموري فرزندن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ اُهي سن کان کاڻوٺ تائين رهڻ لڳا.) سيد ضياءُ الدين شاھہ درويش طبيعت جو هو، کيس ٻہ فرزند: سيد جرار شاھہ عرف جلال شاھہ ۽ سيد حيدر ٿيا. پاڻ اڪثر عبادت ۾ گذاريندو هو، پر بيماريءَ سبب جلد وفات ڪري ويو ۽ سندس اولاد ڏاڏي بدرالدين شاھہ جي تربيت هيٺ وڏو ٿيو. شاھہ جرار بہ درويش طبيعت جو مالڪ هو. هڪ ڀيري کيس خبر پئي تہ لاکا ڀرسان چانگن حملو ڪري ڌاڙو هنيو آهي، پاڻ غصي ۾ اچي انهن تي ڪاهي ويو، جنهن ۾ پاڻ شھيد ٿي ويو. سندس مزار سن شھر ۾ سندس والد ۽ ڏاڏي سان گڏ آهي. سندس اولاد پوءِ لڏي وڃي ڀاڻوٺ ويٺو. سيد حيدررح جي ولادت 875ھہ/ 1470ع ڌاري ٿي. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو سند يافتہ عالم ۽ حافظ قرآن هو. عالمن ۽ بزرگن جي صحبت پسند ڪندو هو، ان ڪري اڪثر وقت سفر ۾ رهندو هو ۽ مختلف عالمن ۽ بزرگن کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر رهندو هو. سندس استادن ۾ مخدوم ميان عمر ٽلٽيءَ وارو هو ۽ اتان ئي کيس مخدوم بلاول جو ڏس پيو. جنهن کانپوءِ مخدوم صاحب جي صحبت ۾ علم حاصل ڪيائين ۽ سندس خاص ويجهن شاگردن مان هڪ هو. پاڻ ست حج ڪيائين، جنهنڪري عام چوڻي آهي تہ: ’ميون حيدر جيئاڻي، نبيءَ جو رهاڻي‘ روايت آهي تہ ڏهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ سيد محمد ميران جونپوري، جيڪو وڏو عالم ۽ بزرگ هو. اهو مختلف ملڪن کان ٿيندو، جڏهن هند مان سنڌ ڏي ٺٽي کان آيو تہ هتي بہ پنهنجا ڪيترائي مريد پيدا ڪري ورتائين، جن ۾ هتي جا حاڪم ۽ قاضي قاضن شامل هو، پر ان دور ۾ مخدوم بلاول ۽ ان جا همعصر بزرگ سندس سخت مخالف هئا. سندن چوڻ هو تہ هو سنڌ ۾ ڌارين ارغونن لاءِ رستو صاف ڪرڻ لاءِ آيو آهي تہ جيئن اهي ڌاريا هتي آرام سان قبضو ڪري وڃن ۽ ٻيو تہ هن جو ’مهدي‘ سڏائڻ غلط آهي، جنهنڪري هنن ان جي مخالفت ڪئي ۽ پنھنجي شاگردن کي بہ ان جي مخالفت لاءِ چيائون. محمد ميران جونپوري ٺٽي کان درياھہ رستي سفر ڪندو، جڏهن سن وٽ پهتو تہ شاھہ حيدر عليہ رحمة کي نياپو ڏياري اماڻيائين تہ سندن بيعت ڪري ۽ کاڌي پيتي جو سامان اماڻي ۽ اڳتي ٻيڙيون اُڪرائي. شاھہ حيدر کيس کُتو جواب موڪلي ڏنو ۽ ساڻس درياهي ويڙھہ ڪري، سندس ٻيڙيون ٻوڙائي کيس هتان ڀڄائي ڪڍيو. جنهن کانپوءِ هو وڃي افغانستان پهتو ۽ اتي شاھہ بيگ ارغون کي دانهن ڏنائين، جنهن سنڌ تي ڪاھہ لاءِ پنهنجو ڀاءُ اماڻيو، پر اهو دولھہ درياھہ خان هٿان مارجي ويو ۽ سندس فوج شڪست کائي ڀڳي. ڄام نظام الدين جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ڄام فيروزالدين حڪومت تي ويٺو تہ اهو غلط صحبت جي ڪري عياش ٿي ويو ۽ عالمن ۽ بزرگن کان پري ٿي ويو ۽ دولھہ دريا خان کي بہ وزارت تان هٽائي ڇڏيائين، جنهن جو فائدو وٺي شاھہ بيگ ارغون سنڌ تي ڪاھہ ڪئي ۽ حڪومت تي قبضو ڪري ورتو. جنهن کانپوءِ ارغونن سڀني محب وطن کي ڳولي مارايو، جن ۾ دولھہ دريا خان کانپوءِ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. ان دوران مخدوم بلاول جي حڪم تي شاھہ حيدر سن ڇڏي گجرات وڃي نڪتو، جتي ڪافي سال گذاريائين. ان کانپوءِ واپس سن ۾ آيو ۽ مرشد مخدوم بلاول جي شهادت کانپوءِ گوشه نشين ٿي رهيو ۽ پنھنجي سڄي جاگير راڄن ۾ ورهائي صرف لنگر هلائڻ لاءِ ڪجهہ زمين رکي زندگي گذاريائين. شاھہ حيدر جي شادي پنھنجي چاچي سيد معروف شاھہ جي گهران ٿي، جنهن مان کيس چار پٽ ٿيا: (1) سيد حامد شاھہ، (2) سيد محمود شاھہ، (3) سيد حمزو شاھہ، (4) سيد ادريس شاھہ. سندس خليفن ۾ لنگر لاءِ ڪاٺيون ڪندڙ، گائنچن جي راڄ مان خليفو ڀنڀڻ آرياڻي بہ هو، جيڪو خود درويش هو ۽ مرشد جو خاص عقيدتمند هو. سندس مقام ڪلري ڳوٺ ڀرسان آهي، جتي هر مهيني جي 14 تاريخ تي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ بورچياڻي بيبي مريم عرف رونجهي راڻي هئي، جيڪا بہ خدا رسيدہ هئي ۽ سندس مقام گجرن جي ڳوٺ لڳ محرابپور تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي، جتي پڻ هر مهيني جي 14 تي ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ۽ خاص طور زالون اولاد لاءِ باس باسينديون آهن. سندس حساب ڪتاب سنڀالڻ وارو منشي حاجي محمود ميمڻ هو، جيڪو پڻ مرشد جي عقيدت جي ڪري فيضياب ٿيو ۽ سندس مقام سن قبرستان لڳ آهي، جتي پاڻ ۽ سندس پٽ حاجي رتن ۽ حاجي وطن جون تربتون آهن، جيڪو عام طور تي ’ڦوٽن وارو پير‘ سڏجي ٿو، جتي عورتون خاص طور وينديون آهن ۽ جيڪڏهن ڦوٽو لڀنديون آهن تہ کين اولاد ٿيڻ جي پڪ ٿيندي آهي. حضرت شاھہ حيدررح، 4 شعبان 936هجري/ بمطابق 13 اپريل 1530ع تي وفات ڪئي. هر سال ان تاريخ تي ميلو (تُل) لڳندو آهي، جتي آسپاس جا مريد ۽ زيارتي ايندا آهن. روايت مطابق انهن کي کاڌو کارايو ويندو آهي، جنهن ۾ روايتي ٻاجهري ۽ گوشت هوندو آهي. شاھہ حيدر جو چوڻ هو تہ دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. ان ۾ راھہ حقيقت جي ڳولا ۽ مولا جي صحبت ۾ وقت گذارڻ سجايو آهي. پاڻ مٽياري ساداتن مان وڏو نالو ڪڍندڙن مان پهريون شخص هو. شاھہ رڪن الدين مخدوم بلاول جو صحبتي، محب وطن هو. شاھہ حيدر جي اولاد مان سيد ڇتن شاھہ، نامور شخص ٿي گذريو آهي، جنهن ٻالڪپڻ ۾ نادر شاھہ کي للڪاريو هو. سندس چوڏهين پشت ۾ سائين جي. ايم. سيد، قومپرستي ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو لافاني ڪردار ٿي گذريو آهي. سيد حيدر جي وصيعت مطابق سندس اولاد ۽ معتقدن کي هيٺين ڳالهين کان پرهيز ڪرڻي آهي: (1) هنن کي ماڙين يا پڪين جاين ۾ ناهي رهڻو، (2) جاين کي ڪٽهڙا يا ڇڄا نہ ڏيارڻا آهن، (3) تلوار يا هٿيار تي چانديءَ يا سون جو ڪم ڪرائڻو نہ آهي. (4) گهر ۾ ڳاڙهيون جنڊيءَ جون کٽون يا پينگها ناهن رکڻا. (5) عورتن کي نٿ پائڻي نہ آهي. (6) تفريح لاءِ باغ پوکائڻا نہ آهن. (7) سندن درگاھہ وٽ دهل شرنايون وڄائڻيون نہ آهن. (8) طوائفن جو راڳ ٻڌڻ ۽ فحاش عورتن کي ڳوٺ ۾ آڻڻ جي منع آهي. (9) سندن مزار تي قبو اڏائڻو نہ آهي. (10) سندن زيارتين کي پهرين سندن ڀاءُ شاھہ جرار جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ سندن درگاھہ تي اچڻو آهي. سندس هيٺيون نشانيون محفوظ آهن: (1) سندس هٿ جو لکيل قرآن پاڪ، (2) سندس هٿ جي تلوار، (3) ٽي وٽا، جن تي قرآن شريف جون آيتون اڪريل آهن، (4) نيزو، فقيري ڪنٺا ۽ تاج، (5) رُڪ جو آئينو، (6) روهي. (سيد ضياءُ شاھہ جي مضمون تان ورتل)


هن صفحي کي شيئر ڪريو