شاھہ خواجہ

شاھہ خواجہ: هي مغل گورنرن جي دور ۾ سيوهڻ جو حاڪم هو. شمشير خان ابوزڪ جھانگير بادشاھہ جي حڪم ملڻ سان قنڌار روانو ٿيو ۽ سيوهڻ جي حاڪميت پنھنجي هڪ مائٽ شاھہ خواجہ جي حوالي ڪري کيس سيوهڻ موڪليائين. خاسائي شورن جو ڳوٺ شمشير خان ابوزڪ جي ئي جاگير ۾ هو، خاسائي شورا ڍل ڪونه ڏيندا هئا ۽ حاڪمن جا حڪم مڃڻ جا انڪاري هئا. شاھہ خواجہ عشاء جي نماز کانپوءِ لشڪر سميت ٻيڙين تي سوار ٿي، پرھہ ڦٽيءَ کان اڳ، سن کان ڪوھہ کن پرتي، بهڻن واري گهٽ وٽان لهي، منجهند مھل وڃي خاسائي شورن تي ڪڙڪيو انهيءَ چڙهائيءَ ۾ گهربل دائود شوري جا ڪيترائي ماڻهو وڙهندي وڙهندي مارجي ويا ۽ ڪيترائي گرفتار ٿيا، گرفتار ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار بہ شامل هئا. انهن عورتن ۾ دائود شوري جي زال بہ جهلجي آئي. شاھہ خواجہ قيدين کي سيوهڻ آندو، دائود شوري پنھنجي عزت ۽ ننگ جي ڪري عاجز ٿي، شاھہ خواجہ وٽ سيوهڻ اچي گرفتاري ڏني. شاھہ خواجہ جي اهم تمام اها ڪاميابي هئي، انهيءَ کانپوءِ شورا درٻيلي ۾ وڃي گهر اڏي رهيا ۽ دائود شورو بہ ماٺ ڪري زندگي بسر ڪرڻ لڳو.


لفظ شاھہ خواجہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو