شاهه رخ خان

شاهه رخ خان

شاھہ رخ خان

شاھہ رخ خان: سڄي دنيا ۾ ‘ڪِنگ خان’ جي نالي سان شھرت ماڻيندڙ هندستاني فلم انڊسٽري (بالي ووڊ) جي منفرد اداڪار شاھہ رخ خان جو جنم، 2 نومبر 1965ع تي دهليءَ (انڊيا) ۾ ٿيو. سندس والد مير تاج محمد خان، قصہ خواني بازار، پشاور ۾ رهندڙ پٺاڻ هو، جيڪو ورهاڱي کان اڳ هندستان ۾ وڃي آباد ٿيو هو. شاھہ رخ خان سموري تعليم دهليءَ ۾ حاصل ڪئي ۽ ان دوران راندين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. دهليءَ ۾ تعليم پرائڻ دوران 1991ع ۾ سندس شادي گوري چڀ نالي هڪ پنجابي (هندو) ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا هاڻي گوري خان سڏجي ٿي. گوريءَ مان کيس هڪ ڌيءَ ’سوهانا‘ ۽ پٽ ’آريان‘ جو اولاد آهي.
شاھہ رخ خان، پنھنجي فني سفر جو آغاز 80 واري ڏهاڪي ۾ ٽي. وي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ سان ڪيو. سندس پهرين فلم ’ديوانه‘ 1992ع ۾ رليز ٿي. 1993ع ۾ هن ٻن فلمن: ’ڊر‘ ۽ ’بازيگر‘ ۾ منفي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي فلمون سندس سڃاڻپ جو سبب بڻيون. سندس ٻين فلمن ۾: ’ايڊيٽ‘، ’چمتڪار‘، ’راجو بن گيا جنٽلمين‘، ’دل آشنا هي‘ (1992ع)، ’مايا ميم صاحب‘، ’ڪنگ انڪل‘، ’ڪڀي هان ڪڀي نا‘ (1993ع) ۽ ’انجام‘ (1994ع)، جنهن ۾ ماڌوريءَ سان گڏ هڪ ڀيرو ٻيهر منفي ڪردار سان وڏي پردي تي نظر آيو. ان کان سواءِ 1995ع ۾ سندس رليز ٿيل فلمن ۾: ’ڪرن ارجن‘، ’زمانه ديوانه‘، ’گڊو‘، ’او ڊارلنگ يي هي انڊيا‘، ’رام جاني‘، ’تري مورتي‘ ۽ باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس ڪندڙ سپر هٽ فلم ’دل والي دلهنيا لي جائيگي‘ شامل هيون. 1996ع ۾ ’انگلش بابو ديسي ميم‘، ’چاهت‘، ’آرمي‘، ’دشمن دنيا ڪا‘، 1997ع ۾ ’گدگدي‘، ’ڪوئله‘، ’يس باس‘، ’پرديس‘، ’دل تو پاگل هي‘، 1998ع ۾ ’ڊپليڪيٽ‘، ’اچانڪ‘، ’دل سي‘، ’ڪڇ ڪڇ هوتا هي‘ رليز ٿيون.
سندس ٻين مشھور فلمن ۾: ’ڦر ڀي دل هي هندستاني‘، ’هي رام‘، ’محبتين‘، ’گاجا گامني‘، 2000ع ۾ ’ون ٽو ڪا فور‘، ’اشوڪا‘، ’ڪڀي خوشي ڪڀي غم‘، 2001ع ۾ ’هم تمهاري هين صنم‘، ’ديوداس‘، ’شڪتي‘، 2002ع ۾ ’چلتي چلتي‘، ’ڪل هو نہ هو‘، 2003ع ۾ ’يه لمحي جدائي ڪي‘، مين هون نا‘، ’وير زارا‘، ’سوَ ديس‘، 2004ع ۾ ’ڪڇ ميٺا هو جائي‘، ’ڪال‘، ’سلسلي‘، ’پهيلي‘، 2005ع ۾ ’الگ‘، ’ڪڀي الوداع نہ ڪهنا‘، ’ڊان‘، ’آئي سي يو‘، 2006ع ۾ ’چڪ دي انڊيا‘، ’اوم شانتي اوم‘، 2007ع ۾ ’ڪريزي فور’، ’ڀوت ناٿ‘، ’بلو باربر‘، دولها مل گيا‘، ’رب ني بنا دي جوڙي‘، 2008ع ۾ ’مائي نيم از خان‘، 2009ع ۾ ’را- ون‘، 2011ع ۾ ’جب تڪ هي جان‘، 2013ع ۾ ’چنائي ايڪسپريس‘ ۽ 2014ع ۾ ’هيپي نيو ائير‘، 2015ع ۾ ‘دل والي’ شامل آهن.
شاھہ رخ خان ڪيترن ئي فلم اوارڊ تقريبن ۾ ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏيڻ کان سواءِ ڪيترائي ڀيرا پنھنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي. ٽيليويزن جي دلچسپ پروگرام ’ڪون بني گا ڪروڙ پتي‘ ۾ ڪجهہ وقت اميتاڀ بچن جي جاءِ تي ميزباني ڪرڻ سان گڏ اسٽار پلس جي هڪ ٻئي گيم شو ’ڪيا آپ پانچوين پاس سي تيز هين‘ ۽ ’زور ڪا جهٽڪا: ٽوٽل وائپ آؤٽ‘ جي ميزباني پڻ ڪئي. هن 2008ع ۾ جوهي چاولا ۽ سندس گهر واري جئہ مهتا سان گڏ انڊين پريميئر ليگ (I.P.L) جو بنياد رکيو، جنهن ۾ هن مختلف ملڪن جي رانديگرن سان معاهدي جي آڌار تي ڌار ڌار ٽيمون جوڙي کين T-20 ڪرڪيٽ مئچ ۾ کيڏائڻ شروع ڪيو.
شاھہ رخ خان، هن وقت پنھنجي نالي جي مخفف SRK سان لڳ ڀڳ 39 برانڊ جي اشتهارن سان لاڳاپيل آهي. فلمي دنيا ۾ سندس بي پناھہ شھرت ۽ ڪامياب اداڪار جي حيثيت ۾ کيس لڳ ڀڳ 30 دفعا فلم فيئر اوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو 12 ڀيرا حاصل ڪري چڪو آهي. هندستاني فلم انڊسٽري (بالي ووڊ) ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 2005ع ۾ هندستاني حڪومت طرفان ’پدم شري‘ جي اهم اوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان علاوہ بين الاقوامي سطح تي فرانسيسي حڪومت طرفان کيس سڀ کان اهم شھري اوارڊ Legion d’honneur ۽ Ordre des arts et des letters پڻ ڏنا ويا.
شاھہ رخ خان، دورِ حاضر جو تمام ورسٽائل ۽ تمام گهڻي مشهوري ماڻيندڙ اداڪار . سندس فلمون سڄيءَ دنيا جي ملڪن ۾ هر طبقي جا ماڻهو وڏي چاھہ سان ڏسندا آهن. سنڌ ۾ پڻ سندس فلمن جي شائقينن جو وڏو انگ موجود آهي.


لفظ شاھہ رخ خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.11.02  عيسوي

اداڪار شاهه رخ خان جو جنم، 2 نومبر 1965ع تي دهليءَ (انڊيا) ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي مصري لنڊ
جئسنگهاڻي شنڀو
قاضي ابو حنيفه بکري
صبيحه خانم
ڀٽي مخدوم احمد
جينت ريلواڻي
شھمير شاھہ شھيد سيد
احسان علي لغاري
ليکراج ڪشنچند عزيز
حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون