
شاهه رخ خان
شاھہ رخ خان: سڄي دنيا ۾ ‘ڪِنگ خان’ جي نالي سان شھرت ماڻيندڙ هندستاني فلم انڊسٽري (بالي ووڊ) جي منفرد اداڪار شاھہ رخ خان جو جنم، 2 نومبر 1965ع تي دهليءَ (انڊيا) ۾ ٿيو. سندس والد مير تاج محمد خان، قصہ خواني بازار، پشاور ۾ رهندڙ پٺاڻ هو، جيڪو ورهاڱي کان اڳ هندستان ۾ وڃي آباد ٿيو هو. شاھہ رخ خان سموري تعليم دهليءَ ۾ حاصل ڪئي ۽ ان دوران راندين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. دهليءَ ۾ تعليم پرائڻ دوران 1991ع ۾ سندس شادي گوري چڀ نالي هڪ پنجابي (هندو) ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا هاڻي گوري خان سڏجي ٿي. گوريءَ مان کيس هڪ ڌيءَ ’سوهانا‘ ۽ پٽ ’آريان‘ جو اولاد آهي.
شاھہ رخ خان، پنھنجي فني سفر جو آغاز 80 واري ڏهاڪي ۾ ٽي. وي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ سان ڪيو. سندس پهرين فلم ’ديوانه‘ 1992ع ۾ رليز ٿي. 1993ع ۾ هن ٻن فلمن: ’ڊر‘ ۽ ’بازيگر‘ ۾ منفي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي فلمون سندس سڃاڻپ جو سبب بڻيون. سندس ٻين فلمن ۾: ’ايڊيٽ‘، ’چمتڪار‘، ’راجو بن گيا جنٽلمين‘، ’دل آشنا هي‘ (1992ع)، ’مايا ميم صاحب‘، ’ڪنگ انڪل‘، ’ڪڀي هان ڪڀي نا‘ (1993ع) ۽ ’انجام‘ (1994ع)، جنهن ۾ ماڌوريءَ سان گڏ هڪ ڀيرو ٻيهر منفي ڪردار سان وڏي پردي تي نظر آيو. ان کان سواءِ 1995ع ۾ سندس رليز ٿيل فلمن ۾: ’ڪرن ارجن‘، ’زمانه ديوانه‘، ’گڊو‘، ’او ڊارلنگ يي هي انڊيا‘، ’رام جاني‘، ’تري مورتي‘ ۽ باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس ڪندڙ سپر هٽ فلم ’دل والي دلهنيا لي جائيگي‘ شامل هيون. 1996ع ۾ ’انگلش بابو ديسي ميم‘، ’چاهت‘، ’آرمي‘، ’دشمن دنيا ڪا‘، 1997ع ۾ ’گدگدي‘، ’ڪوئله‘، ’يس باس‘، ’پرديس‘، ’دل تو پاگل هي‘، 1998ع ۾ ’ڊپليڪيٽ‘، ’اچانڪ‘، ’دل سي‘، ’ڪڇ ڪڇ هوتا هي‘ رليز ٿيون.
سندس ٻين مشھور فلمن ۾: ’ڦر ڀي دل هي هندستاني‘، ’هي رام‘، ’محبتين‘، ’گاجا گامني‘، 2000ع ۾ ’ون ٽو ڪا فور‘، ’اشوڪا‘، ’ڪڀي خوشي ڪڀي غم‘، 2001ع ۾ ’هم تمهاري هين صنم‘، ’ديوداس‘، ’شڪتي‘، 2002ع ۾ ’چلتي چلتي‘، ’ڪل هو نہ هو‘، 2003ع ۾ ’يه لمحي جدائي ڪي‘، مين هون نا‘، ’وير زارا‘، ’سوَ ديس‘، 2004ع ۾ ’ڪڇ ميٺا هو جائي‘، ’ڪال‘، ’سلسلي‘، ’پهيلي‘، 2005ع ۾ ’الگ‘، ’ڪڀي الوداع نہ ڪهنا‘، ’ڊان‘، ’آئي سي يو‘، 2006ع ۾ ’چڪ دي انڊيا‘، ’اوم شانتي اوم‘، 2007ع ۾ ’ڪريزي فور’، ’ڀوت ناٿ‘، ’بلو باربر‘، دولها مل گيا‘، ’رب ني بنا دي جوڙي‘، 2008ع ۾ ’مائي نيم از خان‘، 2009ع ۾ ’را- ون‘، 2011ع ۾ ’جب تڪ هي جان‘، 2013ع ۾ ’چنائي ايڪسپريس‘ ۽ 2014ع ۾ ’هيپي نيو ائير‘، 2015ع ۾ ‘دل والي’ شامل آهن.
شاھہ رخ خان ڪيترن ئي فلم اوارڊ تقريبن ۾ ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏيڻ کان سواءِ ڪيترائي ڀيرا پنھنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي. ٽيليويزن جي دلچسپ پروگرام ’ڪون بني گا ڪروڙ پتي‘ ۾ ڪجهہ وقت اميتاڀ بچن جي جاءِ تي ميزباني ڪرڻ سان گڏ اسٽار پلس جي هڪ ٻئي گيم شو ’ڪيا آپ پانچوين پاس سي تيز هين‘ ۽ ’زور ڪا جهٽڪا: ٽوٽل وائپ آؤٽ‘ جي ميزباني پڻ ڪئي. هن 2008ع ۾ جوهي چاولا ۽ سندس گهر واري جئہ مهتا سان گڏ انڊين پريميئر ليگ (I.P.L) جو بنياد رکيو، جنهن ۾ هن مختلف ملڪن جي رانديگرن سان معاهدي جي آڌار تي ڌار ڌار ٽيمون جوڙي کين T-20 ڪرڪيٽ مئچ ۾ کيڏائڻ شروع ڪيو.
شاھہ رخ خان، هن وقت پنھنجي نالي جي مخفف SRK سان لڳ ڀڳ 39 برانڊ جي اشتهارن سان لاڳاپيل آهي. فلمي دنيا ۾ سندس بي پناھہ شھرت ۽ ڪامياب اداڪار جي حيثيت ۾ کيس لڳ ڀڳ 30 دفعا فلم فيئر اوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو 12 ڀيرا حاصل ڪري چڪو آهي. هندستاني فلم انڊسٽري (بالي ووڊ) ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 2005ع ۾ هندستاني حڪومت طرفان ’پدم شري‘ جي اهم اوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان علاوہ بين الاقوامي سطح تي فرانسيسي حڪومت طرفان کيس سڀ کان اهم شھري اوارڊ Legion d’honneur ۽ Ordre des arts et des letters پڻ ڏنا ويا.
شاھہ رخ خان، دورِ حاضر جو تمام ورسٽائل ۽ تمام گهڻي مشهوري ماڻيندڙ اداڪار . سندس فلمون سڄيءَ دنيا جي ملڪن ۾ هر طبقي جا ماڻهو وڏي چاھہ سان ڏسندا آهن. سنڌ ۾ پڻ سندس فلمن جي شائقينن جو وڏو انگ موجود آهي.
1965.11.02 عيسوي
اداڪار شاهه رخ خان جو جنم، 2 نومبر 1965ع تي دهليءَ (انڊيا) ۾ ٿيو.