شاھہ رخ مرزا، ترخان: شاھہ رخ مرزا، سنڌ جي ترخان حڪمران مرزا محمد باقي بيگ جو پٽ هو. سنڌ جي تاريخ ۾ مرزا محمد باقي بيگ جي قهري ظلمن جو مثال نہ ٿو ملي. مرزا باقي بيگ، رڳو سنڌ جي عوام تي نه، بلڪ پنھنجي ڀائرن، ڀائيٽين، ناٺين، ڀاڻيجن، ٻين مائٽن ۽ ارغونن تي بہ ڏاڍا ظلم ڪيا. شاھہ رخ مرزا جڏهن جوان ٿيو تہ مرزا باقيءَ کيس نصرپور جو حاڪم مقرر ڪيو، جتي سندس مددگار علي شير ڪوڪه هو. مرزا باقيءَ جي ظلمن سبب مظلومن جا هٿ آسمان ڏانهن کڄڻ لڳا ۽ ڦٽيل دليون خدا کي ٻاڏائڻ لڳيون. اتفاق سان اوچتو ئي اوچتو نصرپور ۾ موجود سندس پٽ شاھہ رخ مرزا سال 1584ع ۾ مري ويو ۽ جڏهن شاھہ رخ جي موت جي خبر مرزا باقيءَ کي ملي تہ هو پنھنجي آپي مان نڪري ويو ۽ جيڪو بہ ٿي اڳيان آيس، تنهن کي ڌڪ پئي هنيائين. پٽ جي موت جي صدمي ۾ هي اهڙو تہ اڌ چريو ٿي پيو، جو مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌرائي گهٽين ۽ بازارن ۾ ڊوڙائي خوش ٿيندو رهيو، جڏهن تہ محلات ۾ موجود عورتن مان ڪن جا سينا ڪپرائي ڇڏيائين تہ ڪن جي سٿڻن ۾ ٻلي جا ٻچا وجهرائي ٻڌرائي ڇڏيائين ۽ ڪيترن ئي جوان ڇوڪرن کي قتل ڪرايائين.