شاھہ رخ مرزا جي قبر

شاھہ رخ مرزا جي قبر: هيءَ قبر مڪلي قبرستان، ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي. هن قبر جي ڀرسان سندس والد ميرزا باقيءَ جي قبر آهي. مرزا شاھہ رخ، ميرزا باقيءَ جي دور ۾ نصرپور جو صوبيدار هو. قبر جي پيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي:
وفـات يافـت مرحـوم مغـفـور
الــواصـل الــوا جـــوار الـملـڪ
السبحان شاهزاده شاھہ رخ بن مرحوم
سـلــطــــان دوران مـيــــرزان
مـحــمـد بـــاقـــي تـــرخـــان
بتاريخ سن 992 هجري/1584ع
لوڙھہ تي قرآني آيتون اڪريل آهن. قبر پيلي پٿر جي آهي. هيءَ قبر 992ھہ/ 1584ع جي ٺاهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو