شاھہ رڪن عالم

شاھہ رڪن عالم: سھروردي سلسلي جي غير معمولي ۽ وڏي روحاني هستي غوث العالمين بھاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي وڏي پٽ شيخ صدرالدين عارف کي خدا جي حڪم سان شيخ رڪن الدين نالي پٽ عطا ٿيو. شيخ رڪن الدين پنھنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهہ پرايو ۽ روحانيت ۾ ڪمال حاصل ڪيو. شيخ رڪن الدين جي ولادت 9 رمضان المبارڪ 649ھہ 20 نومبر 1251ع جمعي جي ڏينهن ٿي. سندس ڏاڏي غوث بهاء الدين سندس نالو رڪن الدين تجويز ڪيو.
شاھہ رڪن عالم جي تعليم ۽ تربيت غوث بھاءُ الدين زڪريا جي نگرانيءَ ۾ ٿي. انهيءَ فيض جي نتيجي ۾ ننڍپڻ کان ئي روحانيت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. ننڍپڻ ۾ قرآن مجيد حفظ ڪري ‘حافظ قرآن’ ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ پنھنجي ڏاڏي جي قائم ڪيل مدرسي ‘البهائيه’ ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم و تربيت حاصل ڪرڻ لڳو. چئن سالن جي عمر ۾ شاھہ رڪن عالم پنھنجي ڏاڏي غوث بهاء الدين زڪريا جي دستار کڻي پنھنجي مٿي تي رکي ڇڏي، ان ڳالھہ کي سندس والد گستاخي تصور ڪري کيس تنبيھہ ڪئي، پر غوث بهاء الدين زڪريا گهڻو خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته، “انشاءِ هي اسانجو صحيح جانشين ٿيندو.”
شاھہ رڪن عالم مس اڃا ٻارهن سالن جو ٿيو تہ سندس ڏاڏو غوث بهاء الدين وصال ڪري ويو ۽ ان بعد سندس تعليم ۽ تربيت جي ذميواري سندس پيءُ شيخ صدرالدين پوري ڪئي. شيخ صدرالدين جي وفات کانپوءِ شاھہ رڪن عالم، بھاءُ الدين زڪريا جي گاديءَ تي ويٺو. مسند نشين ٿيڻ کان پوءِ شاھہ رڪن عالم جا ان وقت جي بادشاهن سان سٺا تعلقات قائم ٿيا، بلڪہ وقت جا حاڪم سندس وڏي عزت ڪندا هئا، جن ۾ سلطان غياث الدين تغلق ۽ سلطان قطب الدين مبارڪ شاھہ شامل آهن. دهليءَ ۾ اڪثر هي خواجہ نظام الدين اوليا رحه سان ملاقات لاءِ ويندو هو. ملتان جي حاڪم ڪشلو خان جڏهن محمد تغلق خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن محمد تغلق هڪدم انهيءَ بغاوت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ملتان ۾ قتل عام جو حڪم جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ هزارين ماڻهو بيگناھہ قتل ڪيا ويا. انهو ظلم ڏسي شاھہ رڪن عالم هڪدم محمد تغلق کي اهو قتل عام بند ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ ملتان جي ماڻهن سک جو ساھہ کنيو.
شاھہ رڪن عالم کي اهو بہ اعزاز حاصل آهي تہ هن خواجہ نظام الدين اوليا ۽ امير خسرو جي جنازي نماز پڙهائي. هنن ٻنهي بزرگن 725ھہ/ 1324ع ۾ رحلت ڪئي. ڊاڪٽر محمد نفيس پنھنجي ڪتاب ‘ملتان اور سلسله سهرورديه’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “شاھہ رڪن عالم تبليغ جي سلسلي ۾ ڪجهہ عرصو سنڌ ۾ رهيو ۽ پوءِ واپس ملتان هليو ويو.”
هن نامور بزرگ 7 جمادي الاول 735ھہ/ 11 جنوري 1335ع ۾ وفات ڪئي. کيس سندس وصيت مطابق سندس ڏاڏي بھاءُ الدين زڪريا جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ شاھہ رڪن عالم جي پٽ خواب ۾ ڏٺو تہ غوث بھاءُ الدين زڪريا فرمائي رهيا آهن ته، اوهان ماڻهن قطب الاقطاب شاھہ رڪن عالم کي منهنجي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو آهي، جنهنڪري مون کي تڪليف پهچي رهي آهي. ان ڪري ترت هن جي ميت هتان ڪڍي ڪنهن موزون جڳھہ تي دفن ڪئي وڃي. انهي خواب بابت سلطان فيروز شاھہ تغلق کي آگاهي ڏني وئي. سلطان فيروز شاھہ تغلق هڪدم قطب الاقطاب شاھہ رڪن عالم جي ميت انهيءَ عظيم الشان مقبري ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جيڪو سلطان غياث الدين تغلق وڏي اهتمام سان خاص پنھنجي لاءِ ٺهرايو هو، پر زماني جي گردش سبب سلطان غياث الدين تغلق ان مقبري ۾ دفن ٿي نہ سگهيو ۽ انهيءَ مقبري ۾ شاھہ رڪن عالم دفن ڪيو ويو.


لفظ شاھہ رڪن عالمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0649.09.09  هجري

شاهه رڪن الدين جي ولادت 9 رمضان المبارڪ 649هه 20 نومبر 1251ع جمعي جي ڏينهن ٿي. سندس ڏاڏي غوث بهاء الدين سندس نالو رڪن الدين تجويز ڪيو.


0735.05.07  هجري

شاهه رڪن عالم 7 جمادي الاول 735هه/ 11 جنوري 1335ع ۾ وفات ڪئي.



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رکيل ريلائي مخدوم
شاذليه طريقو
سماع
سرمد شھيد
شطاري
بختيار ڪاڪي قطب الدين
بھاءُ الدين گودڙيو
بسط
دادن پير
بايزيد بسطامي
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون