
شاهه رڪن عالم جو مقبرو
شاھہ رڪن عالم جو مقبرو: هيءُ مقبرو سھروردي طريقي جي روحاني بزرگ ۽ عالم شيخ بھاؤالدين ذڪريا جي پوٽي، شاھہ رڪن الدين عالم جو آهي، جنهن کي عام طور ‘شاھہ رڪن عالم’ چيو وڃي ٿو. هي مقبرو ملتان ۾ واقع آهي.
شاھہ رڪن عالم 9 رمضان المبارڪ 649 هجريءَ بمطابق 26 نومبر 1251ع تي ملتان ۾ پيدا ٿيو هو. پنھنجي والد جي وفات کانپوءِ هن سھروردي تعليم ۽ تبليغ جي سلسلي کي جاري رکيو ۽ پنھنجي روحاني توڙي عالماڻي اثر جي ڪري اعليٰ مرتبو ماڻيو. هن ڪيترا ڀيرا دهليءَ جو دورو ڪيو ۽ تغلق شهنشاهن تي پنهنجو گهرو اثر ڇڏيو. سندس دور ۾ سھر وردي طريقو ملتان ۾ پنھنجي عروج تي پهتو. چيو وڃي ٿو تہ مقبري واري جاءِ غياث الدين تغلق ديپالپور جي گورنريءَ دوران شاهي تعمير لاءِ مخصوص ڪئي هئي، پر پوءِ فيروز شاھہ تغلق اها زمين شيخ رڪن الدين جي بزرگن جي مدفن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي. شاھہ رڪن عالم جي وفات 84 ورهين جي عمر ۾ 3 جنوري 1335ع ۾ ٿي. کيس ڏاڏي بھاءُ الدين زڪريا جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪو مقبرو 1320- 1324ع ۾ بادشاھہ غياث الدين تغلق ٺهرايو هو.
هن اٺڪنڊي شڪل ۾ ٺهيل مقبري جو اندريون قطر 58 فوٽ آهي. هر ڪنڊ تي 26 فوٽ اوچا منارا ٺهيل آهن، جيڪي عمارت جي تري کان شروع ٿي ٻيڙٻني تي پهچن ٿا. ٻيڙٻني کان مٿي فوٽ سوا فوٽ تي هر مناري جي مٿان گنبذ ٺهيل آهي، جنهن کي ڪلس ڏنل آهي. ٻيڙٻني تائين بہ جنسار ٿيل آهي. هي مقبرو اٺڪنڊو آهي. مقبري جي هر ڪنڊ تي هڪ قسم جو مينار ٺهيل آهي. مينارن تي وقفي وقفي سان جنسار ٿيل آهي. اٺڪنڊي مقبري تي شاندار اٺڪنڊو ڳچ ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان گنبذ ڏنل آهي. ڳچ تي بہ جنسار ٿيل آهي، جو هر طاق ۾ هڪ جنسار سان دري ڏنل آهي. ڳچ جي طاق تي ننڍي گنبذڙي ۽ ان جي مٿان ڪلس ٺهيل آهي. ڳچ کي بہ ٻيڙٻنو ڏئي، ان تي ڪاشيءَ جو جنسار ڪيو ويو آهي. گنبذ سفيد رنگ جو آهي.
مقبرو ٿلهي تي هئڻ سبب 12 کان 15 ميلن جي فاصلي تان بہ نمايان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هي سڄو مقبرو ڳاڙهين سرن سان تعمير ٿيل آهي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ اڇي ۽ گهري نيري رنگ جي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. مزار بلڪل سادي، سرن ۽ پلستر سان ٺهيل آهي. هن مقبري جو گنبذ، بيجاپور (هندستان) ۾ اڏيل مسجد ‘گول گنبذ’ کانپوءِ دنيا جو ٻيو وڏو گنبذ آهي.