
شاهه سليمان جو مقبرو
شاھہ سليمان جو مقبرو (ماڳ): هيءُ ماڳ ضلعي ڄام شوري، تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ بوبڪ کان ڏکڻ ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي. هن ماڳ تي شاھہ سليمان نالي بزرگ جو مقبرو ٺهيل آهي، جنهن جو دروازو ڏکڻ طرف آهي. مقبري جي مٿان ڪوبه گنبذ ناهي. ڇت سڌي ۽ سنئين ٺهيل آهي، مقبرو x4.704.50 ميٽرن جو آهي. مقبري جي اندر ٽي قبرون آهن، جن مان وچين قبر ٻين قبرن کان وڏي آهي، جيڪا شاھہ سليمان جي چئي وڃي ٿي. مقبري جي چوڌاري قبرستان آهي.