شاهه شريان

شاهه شريان

شاھہ شريان

شاھہ شريان (Aorta): هن کي شھہ رڳ بہ چئبو آهي. قرآن مجيد جي هڪ آيت ۾ آهي تہ: ”هو (رب) توهان جي شھہ رڳ کان بہ ويجهو آهي.“ شاھہ شريان جسم جي عضون کي تازو رت (Oxygenated Blood) پهچائڻ واري مک شريان آهي، جنهن مان ڪيتريون ننڍيون ۽ وڏيون شريانيون (Arteries) نڪرنديون آهن. شاھہ شريان دل جي هيٺئين کاٻي پاسي واري خاني (Left Ventricle) مان تازو رت کڻي دل جي مٿان اُڀري ڪمانيءَ (Arch) وانگي ورُکائي دل جو پويون کاٻو پاسو ڏئي، پٺيءَ جي ڪنڊي (Back Bone Spine) ۽ ڀانڊي جي چوٿين مهري (4th Thoracic Vertebra) وٽان مڙي هيٺ لهندي آهي ۽ ڀانڊي جي ٻارهين مُهري (12th Thoracic Vertebra) وٽان ٿيندي (هيٺ لھي) چيلھہ جي چوٿين مهري (4th Lumbar Vertebra) تائين ايندي آهي جتي ٻن حصن کاٻي ۽ ساڄي نري جي شريانين (Iliac arteries) ۾ ورهائجي ويندي آهي. شاھہ شريان مان گهڻن هنڌن تي جوڙي (Pairs) جي صورت ۾ تہ ڪجهہ هنڌن تي اڪيلي صورت ۾ ننڍيون وڏيون شريانيون نڪرنديون آهن.
شاھہ شريان جو لنگهہ (هنڌ) Passage (Location): شاھہ شريان جو جتان جتان لنگهہ آهي ان کي سندس لنگهہ جي حساب سان هيٺيان ٻہ نالا ڏنا ويا آهن:
(1) ڀانڊي (سيني) واري شاھہ شريان (Thoracic Aorta): شاھہ شريان جو هيءُ لنگهہ (هنڌ). ان جو مھڙ وارو يا اڳيون لنگهہ ليکيو ويندو آهي. جيڪو دل جي هيٺئين کاٻي پاسي واري خاني (L.V) کان وٺي پيٽ جي مشڪي تھہ (Diaphragm) تائين وچ واري حصي تي ٻڌل آهي ۽ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، جن ٽنهي حصن مان جوڙن ۾ يا اڪيليون ننڍيون وڏيون شريانيون نڪرن ٿيون.
(I) شاھہ شريان جو اُڀرندڙ لنگهہ (Ascending Aorta) : هي شاھہ شريان جو مختصر حصو آهي، جيڪو 5 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هي شاھہ شريان جي ڪماني (Arch) ٺھڻ کان پهريان (مُهڙ ۾) سيني جي تاڪي (ڪوڙي Sternom) جي مٿئين حصي (Manubrium) تائين آهي. دل مان نڪرڻ ساڻ ئي شاھہ شريان جي هن حصي مان خود دل ۽ دل جي عضون کي رت پهچائيندڙ جوڙيءَ ۾ کاٻي ۽ ساڄي پاسي شريانيون (Coronary Arteries) نڪرن ٿيون، جيڪي اڳتي هلي ڪيترين ننڍين (سنهين) شريانين ۾ ورهائجي سڄي دل کي وڻ ويڙهيءَ جيان اندران ٻاهران ويڙهي ڇڏين ٿيون. دل جي هنن شريانين ۾ دل مان نڪرندڙ جملي تازي رت جو پنج سيڪڙو رت دل مان حاصل ٿئي ٿو.
(II) شاھہ شريان جي ڪماني (Arch of Aorata) : شاھہ شريان جو هي حصو دل جي مٿان ڪمانيءَ وانگي وريل هوندو آهي ۽ سيني جي تاڪي (ڪوڙيءَ) جي مٿئين حصي (Manubrium) جي پويان کاٻو پاسو ڏئي ڀانڊي جي چوٿين مُهري (4th Thoracic Vertebra ) تائين هيٺ ايندو آهي. شاھہ شريان جي هن حصي مان شريانين جون هيٺيون ٽي شاخون نڪرنديون آهن:
(الف) وڏي شريان (Innomate Artery): هيءَ وڏي شريان شاھہ شريان جي ڪمانيءَ جي ساڄي پاسي کان نڪرندي آهي، جيڪا 5 سينٽي ميٽر (اٽڪل ٻہ انچ) ڊگهي ٿيندي آهي، جنهن مان ٻہ ٻيون ننڍيون شريانيون نڪرنديون آهن. هڪ ساڄي پاسي جي هسليءَ جي ننڍي شريان
(Right Subclavian Artery ) هيءَ ننڍي شريان ساڄي پاسي جي پهرين پاسريءَ (Rib) وٽان مٽي ساڄي هسليءَ جي هيٺان لنگهي ساڄي بغل (Axilla) تائين تازو رت پهچائيندي آهي ۽ ٻي ساڄي پاسي جي شاھہ رڳ (Right Common Carotid Artery) هيءَ ساڄي پاسي جي ننڍي شريان (شاھہ رڳ) گهڻن ننڍن حصن ۾ ورهائجي ويندي آهي ۽ ساڄي پاسي منهن، نڙيءَ ۽ دماغ جي گهڻن عضون کي تازو رت پهچائيندي آهي.
(ب) شاھہ شريان جي ڪمانيءَ جي کاٻي پاسي مان ٻہ ننڍيون شريانيون نڪرنديون آهن. هڪ کاٻي پاسي هسليءَ جو ننڍي شريان (Left Subcla vian Artery) هيءَ ننڍي شريان کان کاٻي پاسي جي پهرئين پاسريءَ (Rib) وٽان مٽي کاٻي هسليءَ جي هيٺان لنگهي کاٻي بغل تائين تازو رت پهچائيندي آهي ۽ ٻي کاٻي پاسي جي شاھہ رڳ (Lefi Common Carotid Artery) هيءَ کاٻي پاسي جي ننڍي شريان (شاھہ رڳ) گهڻن ننڍن حصن ۾ ورهائجي ويندي آهي ۽ کاٻي پاسي منهن، نڙيءَ ۽ دماغ جي گهڻن عضون کي تازو رت پهچائيندي آهي.
(III) شاھہ شريان جو هيٺ لهندڙ لنگهہ (حصو) Descending Aorta: شاھہ شريان جو هي حصو ڀانڊي جي چوٿين مُهري (4th Thoracic Vertebra) کان شروع ٿي هيٺ ڀانڊي جي ٻارهين مُهري (12th Thoracic Vertebra) تائين آهي، جتان هيءَ پيٽ جي مُشڪي (Diaphragm) کان هيٺ لھي پيٽانگي جي حصي ۾ ايندي آهي (جيڪو شاھہ شريان جو باقي ٻيو حصو آهي). شاھہ شريان جي هن (هيٺ لهندڙ لنگهہ/حصي) مان ڪيتريون، جوڙن (Pairs) جي صورت ۾ هيٺيون مُک شريانيون نڪرنديون آهن، جيڪي ڀانڊي (جي پور Cavity) ۾ اندر موجود عضون کي تازو رت پهچائينديون آهن.
(I) ساھہ جي عضون جون شريانيون (Bronchial Arteries): هي ٻئي شريانيون ساھہ جي سڀني عضون، ڦڦڙن جي (ڳنڍيندڙ Connective) اوڄن Tissues ۽ لُمابي (سُتَ) وارين ڳوڙهين/ڳندين (Lymphatic Nodes) کي تازو رت پهچائين ٿيون.
(II) کاڌي جي ناليءَ جون شريانيون (Oesophageal Arteries): هي شريانيون کاڌي جي ناليءَ ۽ ان سان لاڳاپيل عضون کي تازو رت پهچائين ٿيون.
(III) عضون جي رڳن جي رابطي واريون شريانيون Intercoastal Arteries: هي شريانيون ڀانڊي جي اندرين ۽ ٻاهرين مشڪن، پاسراٽين ۽ ڀانڊي جي ڀتين ۽ (ڳڍيندڙ Connetive) اوڄن (Tissues) کي تازو رت پهچائين ٿيون.
(2) پيٽانگي واري شاھہ شريان (Abdominal Aorta): پيٽانگي ۽ ڀانڊي جي شاھہ شريان جو هڪ ئي سلسلو آهي، پر ان جو لنگهہ مختلف جاين تان نڪري ٿو، ان ڪري ئي کيس هڪ ڀانڊي ۽ پيٽانگي جو نالو ڏنو ويو آهي. شاھہ شريان جو ٻيو (هيٺيون) حصو پيٽ جي مشڪي تھہ جي هيٺان شروع ٿي هيٺ چيلھہ جي چوٿين مهري (4th Lumbar Verterbra) تائين اچي ٿو، جتان هيءَ ٻن حصن ۾ هڪ کاٻي ۽ ساڄي نري جي شريانين Left And Right iliacarteries ۾ ورهائجي وڃي ٿو. پيٽانگي جي شاھہ شريان مان ڪيتريون شريانيون نڪرن ٿيون، جن مان ڪي خاص هيٺ ڏجن ٿيون.
(I) شڪمي شريانون (Phrenic Arteries): هي ٻئي شريانون شڪمي مشڪن ۽ پيٽ جي ڇھہ (Peritoneum) کي تازو رت پهچائين ٿيون.
(II) بُڪين جون شريانون (Renal Arteries): هي ٻئي شريانين بڪين (Kidneys) کي تازو رَتُ پهچائين ٿيون. هنن شريانين ساڻ گڏ ٻيون شريانيون جيئن (Suprarenal Arteries) گردي جي غدودن Adrenal Glands کي رت پهچائين ٿيون.
(III) خصين جون شريانون (Testicular Arteries): هي ٻئي شريانيون مرد جي (ٻنهي) خصين (Tests) ۽ ان جي مشڪن ۽ کَل (Scrotum/Skin) کي رت پهچائين ٿيون.
(IV) ٻيجڻين جون شريانيون (Overian Arteries): هي ٻئي شريانيون عورتن جي ٻنهي ٻيجڻين (Overies) ۽ ان سان لاڳاپيل عضون کي تازو رت پهچائين ٿيون.
(V) پيٽانگي/شڪمي شريان (Coelia Artery): هيءَ پيٽانگي ۾ اڪيلي شريان آهي جيڪا لڳ ڀڳ 1.25 سينٽي ميٽر ڊگهي ٿئي ٿي. جنهن مان ڪجهہ هيٺيون مُک شريانيون نڪرن ٿيون.
(الف) معدي جي شريان (Gastric Artery): هي شريان معدي(Stomach) ۽ ان سان لاڳاپيل عضون کي تازو رت پهچائي ٿي.
(ب) جيري جي شريان (Hepatic Artery): هيءَ شريان جيري، پتي، ۽ لبلبي ۽ معدي جي ڪجهہ حصن کي رت پهچائيندي آهي.
(ٻ) تلي جي شريان (Splenic Artery): هيءَ شريان تريءَ کي تازو رت پهچائيندي آهي.


لفظ شاھہ شريانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو