
شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو
شاھہ شريف ڀاڏائي جو رسالو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشھور بزرگ شاعر شاھہ شريف ڀاڏائيءَ جي ڪلام تي مشتمل آهي ۽ ان ۾ عبدالقدوس شاھہ، فقير محمد ڪلهوڙي عرف فتح فقير ۽ غلام حيدر ’تيرهي‘ جو ڪلام بہ شامل آهي. هن رسالي کي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙيو آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ بہ مرتب خود لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ شريف ڀاڏائيءَ جي ڪلام جا 26 سُرُ شامل آهن. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ شاھہ شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام ۽ ٻيو ڀاڱو ٽن ضميمن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ضميمي ۾ عبدالقدوس شاھہ جو ڪلام، ٻئي ضيمي ۾ فقير محمد ڪلهوڙي عرف فتح فقير جو ڪلام ۽ ٽئين ضميمي ۾ غلام حيدر فقير جو ڪلام ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڀلنامو ڏنل آهي. 398 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1972ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 9 روپيا 99 پئسا آهي.