
شاهه شڪر گنج جو مقام
شاھہ شڪر گنج جو مقام: سترهين، ارڙهين صديءَ جو هيءُ قديم قبرستان ديھہ ڪپور، تعلقي سيوهڻ جي شھر ڀان لڳ، ڀان شھر کان اٽڪل 6 يا 7 ڪلوميٽر اتر اولھہ ۾ پير شاخ جي ڏکڻ ۾ "25'35°26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "38'40°67 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هي 10 ايڪڙن تي مشتمل وسيع قبرستان آهي، جنهن ۾ لاتعداد قبرون آهن. مقام اندر چئن ٿنڀن ۽ چؤڌاري سيمنٽ جي لڳل ڄارين واري هڪ ڪٽهڙي اندر شاھہ شڪر گنج جي مزار ۽ ٿنڀن کان سواءِ ساڳئي نموني جي ٻئي ڪٽهڙي ۾ ٻہ ٻيون قبرون آهن، جن بابت ڪا ڄاڻ نہ ٿي ملي تہ ڪنهن جون آهن. انهن مزارن جي ڀرسان نذراني جي پيتي رکيل آهي، جنهن جي مٿان رکيل تختي تي ‘شاھہ شڪر گنج’ جو نالو درج آهي. مزارون، جهنڊين توڙي ٻين نمائشي شين سان سينگاريل آهن، جن کي ڏسي لڳي ٿو تہ هن بزرگ جي مزار تي ميلي جو اهتمام ٿيندو هوندو. زيارتين طرفان مزارن کي پڙ، گلن جا هار ۽ موڙ پڻ پارايل آهن. احاطي ۾ ٻہ ٻيون قبرون آهن. مقامي روايت موجب محمود غزنوي ۽ غوث شاھہ جون قبرون سمجهن ٿا. هن ميلي ۾ ‘لُٽ’ نالي هڪ مظاهري جو ذڪر عام ڪيو ويندو آهي.
هڪ عجيب اتفاق آهي، جو هڪ مشھور بزرگ ‘محمود شڪر گنج’ جي مزار اروڙ جي آثارن کان ٿوري فاصلي تي آهي. انهيءَ بزرگ جو ذڪر ڪيترن هنڌن تي عالمن ڪيو آهي.